محمد اسماعيل لانگاھ
ڪاڇو برسات متاثر سنڌ صوبي جي انهن علائقن ۾ شمار ٿئي ٿو جتي انسانن جو حڪمرانن وٽ ڪوبه قدر ناهي تڪن جي چونڊيل نمائندن جا پاليل جانور ڪُتا، گهوڙا، عياشين ۾ آهن چونڊيل نمائندن جي تڪ جي ووٽر وٽ هڪ ويلي جي ورونهن ناهي جو هو پيٽ پالي سگهن، گذريل ٽن سالن کان ٻوڏن کي منهن ڏيندڙ ڪاڇي واسين کي هن سال به عالمي امدادن کان محروم رکيو ويو جوهي تعلقي ۽ جڏھن ڪاڇي کي ٻوڏن جي پاڻي سمنڊ جي صورت ۾ تبديل ڪيو ته حڪمرانن کي مليل عالمي امدادو گڏ ٿيڻ شروع ٿيون، پر اهي امدادون راشن خيما ڪيڏانهن ويا ڪا خبر ڪانهي، پر دادو ضلعي جي ڊي سي صاحب کي ڪورٽ ۾ ڇڪايو ويو ته ڊي سي وٽ ٻوڏ متاثرن جي پيل کاڌ خوراڪ واري راشن ۾ ڪيڙا پئجي ويا آهن ۽ خراب ٿي رهيو ڊي سي صاحب نيٺ ڪورٽ جو در ڏٺو خبر ناهي ان پيشي مان صاحب وڏو سياسي سفارش تحت آزاد ٿيو به الائي نه ڇو ته ڊي سي دادو ۽ سي ايم سنڌ مراد علي شاه هڪ ئي فيملي جا فرد آهن ڳالھ اها آهي ته آخر راشن خراب ڪيو وڃي ٿو ۽ غريبن کي ڇو نٿو ڏنو مطلب ته ڪامورن ۽ حڪمرانن وٽ انسانن جو ڪو قدر ناهي جي هجي ها ته راشن گدامن ۾ ڪنو نه ٿئي ها اهو بکن بيمارين ۾ پاه ٿيل ڪاڇي جي مسڪين ماڻھن کي ضرور ملي ها هن وقت ڪاڇي واسين کي وڏو آسرو وفاقي حڪومت طرفان اعلانيل هرهڪ خاندان جي ٽي لکن واري رقم ۾ آهي پر دير ٿيڻ سان اهو آسرو نااميدن ۾ تبديل ٿيندي نظر اچي پيو جيئن جيئن سردي جي لهر ۾ اضافو ٿي رهيو آهي تيئن تيئن بي گهر ٿيل هزارين ٻوڏ متاثرن جي اهنجن ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي, حڪمرانن جي ٺلهن آسرن ۾ ويٺل ۾ ويٺل ماڻھن جون اميدون نااميدي طرف وڃي رهيون آهن, ۽ قسطن ۾ ملندڙ رقم مان نوان پڪا گهر ته ٺھيو پر ڪنهن غريب جو ڪکن ڪانن جو ڇپر به شايد نه ٺھي سگهندو, آخر غريب انتظار به ڪيستائين ڪندا, حڪومتي اعلانن سان غريب ماڻھن سان هميشه جُٺ ٿيندي رهي آهي جيئن پهرين 2010ع واري ٻوڏ ۾ وطن ڪارڊ جي قسطن ۾ ماڻھن سان حشر ٿيو اهڙن ٺلهن واعدن ۽ امدادن جي آسري هزارين ماڻھن جي حياتين سان کيڏڻ حڪومتي هي روش ڪڏھن بند ٿيندي حڪومت کي گهرجي ته عين ٽائم ٽي لک رپيا هر ماڻھون کي جاري ڪري ته جيئن ايندڙ مون سون کان پهرين پنهنجا اجها اڏي وڃن جيڪڏھن پيسا قسطن ۾ ملندا غريبن جا گهر ٺھڻ مشڪل لڳي ٿو ڇو ته هتي اعلان ته وڏا وڏا ٿيندا رهيا آهن پر عمل ڪڏھن به ناهي ٿيندي ڏٺو اهڙي طرح هن وقت ڪاڇي ۾ گهرن جي ٿيل سروي کانپوء وزير پاران اعلانيل جيتري دير ٿيندي اوتري متاثرين ۾ مايوسي پکڙبي رقم به وري قسطن ۾ جاري ٿيڻَ جو چيو ويو آهي هن ظلم جي مهانگائي ۾ جيڪڏھن عين وقت مهيني ڏيڍ اندر سموري رقم جي ادائگي ٿي ته غريب ويچارا گهر به ٺاهي اگرچ ٽي چار مهينا لڳايا ويا ته ڪٿي به هي رقم ڪارگر ثابت نٿي سگهندي ۽ ايڏي وڏي رقم جي باوجود هزارين ماڻھون ساڳي صورتحال کي منهن ڏيندا رهندا ڇو ته سانوڻي جي موسم صرف چئن پنجن مهينن جي وٿي ڏئي ٿي ۽ ھن مهانگائي واري دور ۾ هڪ غريب پيٽ به پالي نٿو سگهي اهو هن قسطن واري رقم مان ڪيئن گهر ٺاهي سگهندو تعميراتي مٽيريل هن وقت ايترو ته مهانگو ٿي ويو آهي جو هڪ بورچيخانو به لک ڏيڍ سان ٺھي سگهي ٿو سو صورتحال ان حد تائين پهتي آھي ته ٽي لک رپيا عين ٽائم ملي سگهيا ته گهر به ٺھندا جي نه ته هي حڪومت جو منصوبو به وطن ڪارڊ جيان ڪرپشن جي نظر ٿي ويندو ۽ غريب ساڳيا گهرن کان بي گهر ئي رهندا وزير اعظم صاحب کي فوري طور هنن مسئلن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي اعلان تي فوري طور عمل ڪري ۽ جيئن غريب پنهنجا پڪا ئي صحيح نه پرڪچا ئي اجها اڏي سردين کان زندگيون بچائي سگهن.
