اوٻاوڙو ۾ شگر مل ملازم جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو،ڌرڻو، شٽربند هڙتال

اوٻاوڙو(ن س)اوٻاوڙو چار ڏينهن اڳ الائنس شوگر مل اندر ڪم ڪندڙ ملازم جنيد ملڪ کي قتل ڪرڻ وارو مامرو، اڄ ڇوٿين ڏينهن به پنھنجا ڪاروبار بند ڪري تاجرن پرويز ملڪ ۽ الياس ملڪ جي اڳواڻي ۾ شٽربند هڙتال ڪري اوٻاوڙو مين چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، ٽائرن کي باهيون ڏيئي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ڪئي وئي جنهن موقعي تي مل ۽ پوليس انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، جڏهن ته مظاھرين قتل ٿيل نوجوان جنيد ملڪ جي قاتلن مٿان ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، هنن جو چوڻ هو ته جيسي تائين جنيد ملڪ جا قاتل گرفتار نه ٿيندا، ڌرڻا جاري رھندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں