مير ذوالفقار چانڊيو
ھلندڙ سال اپريل جي مهيني ۾ نئين اتحادي حڪومت ٺھڻ کان پوءِ وفاقي ڪابينا ۾ پيپلز پارٽي جي نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي پرڏيهي وزير مقرر ڪيو ويو سندس پرڏيهي وزير جي خاص ڳالھ ھي ھئي تہ پاڻ پنھنجي شھيد نانا وانگر سياست ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ننڍي عمر ۾ وزير خارجہ جو عھدو سنڀالي ثابت ڪيو ھو تہ پنھنجي نانا وانگر قوم جي خدمت ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪندو جڏهن بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزير مقرر ٿيو تہ ھر ملڪ طرفان کين ويلڪم ڪري نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو ھو جنھن جا مثال رڪارڊ تي موجود آهن سندس وزارت جي ڪجھہ مھينن جي ڪارڪردگي تي نظر ڪجي تہ پاڻ ڪجھ مھينن اندر پرڏيهي وزير جي حيثيت ۾ دنيا جي ڪافي ملڪن جا دورا ڪري پاڪستان جو اعتماد بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ھر ھنڌ ملڪي سلامتيءَ تي چٽو واضح موقف اختيار ڪيو آهي بلاول ڀٽو پنھنجي نانا وانگر سياست کان مٿانھون ٿي ڪري ملڪ جي ترقي ۽ واڌاري جي لاءِ ڏينھن رات ڪوششون ڪري رهيو آهي موجوده حالتن ۾ بلاول ڀٽو واحد وفاقي وزير آهي جيڪو پنھنجي وزارت جو بھترين استعمال ڪري سياست کان مٿانھون ٿي ڪري ملڪ جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي جنھن جو ھڪ مثال ھي ڪافي آهي تہ جڏهن ھلندڙ سال مئي مهيني ۾ بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا جي دوري تي پھتل ھو تہ جتي پڻ ملڪ جي خاطر اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي حڪومت جو دفاع ڪندو رهيو خاص ڪري عمران خان جي روس دوري جو بھترين دفاع ڪيو ھو تہ عمران خان جو روس جو دورو قومي پاليسي ھئي اِن کان پھرين روس يوڪرين جنگ جو ڪو امڪان نہ ھو وزيراعظم عمران خان جي روس ۾ پھچڻ کان پوءِ جنگ شروع ٿي تنھن ڪري عمران خان روس جي دوري کي ختم ڪرڻ ممڪن نہ ھو وڏي ڳالھ تہ بلاول ڀٽو زرداري پنھنجي ھر پرڏيهي دوري تي سياسي مخالفت ھڪ ٻئي تي تنقيد چور چور جي الزامن کان پاسيرو ٿي ڪري قومي پاليسي جو دفاع ڪندو رهيو آهي جيئن ماضيءَ ۾ اسان جا اڳوڻا وزيراعظم پرڏيهي دورن ۾ پاڪستان ۾ سياسي شخصيتن جي ڪرپشن ۽ ڦُرلٽ جو ذڪر ڪندا رهيا آهن جنھن سان پاڪستان جي بدنامي ٿئي ٿي پر بلاول ڀٽو ھميشھ پرڏيهي دورن تي سياست کان پري ٿي ڪري پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جي مظلوم مسڪينن جي لاءِ پنھنجو آواز بلند ڪندو رھيو آھي اقوام متحده جا اجلاس ھجن يا سلامتي ڪائونسل ۾ جارحاڻو موقف ھجي ھر فورم تي بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جي سلامتي خاطر پاڪستان جو چٽو واضح موقف اختيار ڪندو رهيو آهي جنھن سبب آمريڪا چين سميت ھر ملڪ ۾ بلاول ڀٽو کي ئ پذيرائي ملندي رهي آهي جيئن ڪجھ مھينا پھرين ترڪي دؤري دوران صدر رجب طيب اردگان بہ سندس قربانين صلاحيتن جي تعريف کان نہ رھجي سگھيو ھو ۽ ڪجھ مھينا اڳ آمريڪا جي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن نئين پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو کي 50 منٽن جي ڊگھي فون ڪري پاڪ آمريڪا لاڳاپن تي ڳالھ ٻولھ ڪئي ھئي ان کان علاوه تازو ھلندڙ ھفتي آمريڪا ۾ 77 ملڪن جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت ڪري پاڪستان جي قومي سلامتي جو ڀرپور دفاع ڪيو آهي بلاول ڀٽو ڀارتي پرڏيهي وزير جي پاڪستان مٿان لڳايل الزامن کي رد ڪندي سخت موقف اختيار ڪيو تہ نائن اليون کانپوءِ دھشتگردي ۾ مسلمانن جون گھڻيون قربانيون ڏنل آهن دھشتگردي ۽ اسلام الڳ الڳ آهن ھر دھشتگرد مسلمان ناھي ۽ نہ وري ھر مسلمان دھشتگرد آهي بلاول ڀٽو سپر پاور آمريڪا جي سرزمين تي انٽرويو ڏيندي مودي سرڪار کي خبردار ڪندي چيو تہ ,, اساما بن لادن تہ مارجي ويو پر گجرات جو قصائي مودي وزيراعظم اڃا جيئرو آهي ،، سندس اھڙي سخت ۽ جارحاڻي بيان ڀارت ۾ باھ لڳائي ڇڏي آهي ھر پاسي ھلچل مچي وئي آهي ميڊيا کي نئون موضوع ملي ويو آهي ھر ھنڌ تبصرا تجزيا ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن تہ ھڪ نوجوان پرڏيهي وزير ايڏو وڏو بيان ڪيئن ڏنو آهي ياد رهي تہ بلاول ڀٽو طرفان ڀارت يا ان جي سرڪار خلاف پھريون دفعو ڪو سخت موقف نہ ڏنو آهي پر سندس وزارت کان پھرين بہ اپوزيشن بئنچن تي دوران بہ مظلوم ڪشميرين لاءِ پنھنجو آواز بلند ڪندو رھندو ھو قومي اسيمبليءَ جو ايوان ھجي يا انٽرنيشنل فورم ھجن ھر جڳھ تي بلاول ڀٽو زرداري ڪشميرين جي ڏک درد جو احساس رکندي ڀارت سرڪار خلاف سخت لھجو استعمال ڪري پنھنجي نانا ذوالفقار علي ڀٽو جي خواب کي ساڀيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي جيئن ذوالفقار علي ڀٽو چوندو هو مظلوم ڪشميرين جي حقن لاءِ ھزار سالن تائين وڙھڻو پيو تہ وڙھنداسين باقي ڪشميرين کي اڪيلو نہ ڪنداسين اھڙي طرح اڄ ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي وچ ۾ نہ رھيو آھي پر سندس بھادر ڏوھٽو بلاول ڀٽو ذوالفقار علي ڀٽو جي شڪل ۾ صورت ۾ جرات بھادري جي شڪل ۾ زنده آهي بلاول ڀٽو جي سخت بيان کانپوءِ مظلوم ڪشميرين سميت پاڪستان ۾ خوشي جي لھر ڇائنجي وئي آهي تہ پاڪستان ۾ ھڪ اھڙو جمھوري نوجوان ليڊر موجود آهي جيڪو پاڪستان جو بھترين دفاع ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو بلاول ڀٽو زرداري جي اھڙي بيان کان پوءِ ڀارت اندر بلاول ڀٽو خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا جنھن جو جواب ڏيندي پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان ڪالھ آچر ڏھاڙي پاڪستان سميت آزاد ڪشمير ۾ بلاول ڀٽو زرداري سان اظھار يڪجھتي جي ريليون ڪڍيون ويون تہ پاڪستان پنھنجي نوجوان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ آهي ۽ آمريڪا ۾ ڏنل انٽرويو جو ڀرپور دفاع ڪيون ٿا پاڪستان اندر اھڙين ريلين مان ثابت ٿئي ٿو جھڙي طرح نوجوان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي خاطر دشمن ملڪن اڳيان سينو تاڻي بيٺو هو بلڪل اھڙي طرح پاڪستان جي غيرتمند عوام بلاول ڀٽو سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيھڻ کي پنهنجي لاءِ اعزاز سمجھي ٿي جيڪڏهن اھڙو اعلان سرڪاري سطح تي ڪيو وڃي ھا تہ پاڪستان ڇا پوري دنيا ۾ بلاول ڀٽو کي وڏي اهميت ۽ پذيرائي ملي سگهي ھا جنھن سان ڀارت جا ناپاڪ ارادا مٽي ۾ ملي وڃن ھا
meerzulfiqar572@gmail.com
