جيڪب آباد ۾ ڀارتي سرڪار خلاف ۽ بلاول جي حمايت ۾ پ پ جي ريلي

جيڪب آباد)ڊ ر) جيڪب آباد ڀارت جي مودي سرڪار ۽ ڀارتي ميڊيا پاران پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خلاف غلط پروپيگنڊا ڪرڻ واري عمل خلاف جيڪب آباد ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پاران پي پي پي جي ضلعي جنرل سيڪريٽري محمد عارف دايو، اطلاعات سيڪريٽري علي ارمان کوسو، پي پي پي سٽي جي صدر سردارزاده حنيف خان بليدي، شوڪت علي گهنيو، منصب شيخ، عمران علي جکراڻي، يوٿ ونگ جي ضلعي صدر جهانگير احمد کوسو، عبداللہ مگسي، جاويد بروهي، رضوان خان سومرو، محمد عمر کوسو، ظفر علي لاشاري، صابر اوڍو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ضلعي آفيس احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو جنهن ۾ پي پي پي جا سوين ڪارڪن شريڪ ٿيا، مظاهرين ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي جو پتلو کڻي شهر جو مارچ ڪرڻ کان پوءِ ڊي سي چوڪ تي پهتا جتي مڇريل ڪارڪنن نريندر مودي جي پتلي کي باهه ڏئي مودي سرڪار خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں