دادو ۾ سليم مغل جي ڪتاب “ماڻڪ ڪٽارو” ڪتاب جي مهورتي تقريب ٿي گذري

دادو(رپورٽ:علي گوھر سومرو) دادو ۾ سنڌي ادبي سنگت ڦلجي جي ميمبر ۽ سنڌ جي نئين ٽھي جي ليکڪ اديب سليم مغل جي ڪتاب “ماڻڪ ڪٽارو” ڪتاب جي مهورت سنڌ صحافي اتحاد ۽ دادو پريس ڪلب، عوامي سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن جي گڏيل سهڪار سان دادو پريس ڪلب ۾ ڪئي وئي، ڪتاب جي مهورت واري تقريب ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري شبير سيال، ڪهاڻيڪار الطاف ملڪاڻي، محبوب سنڌي، گلڻ خان ڀنڊ، وفا صالح راڄپر، رضوان منگي، نور ڪنڀر، گهايل لغاري، صحافي سرور جلال سولنگي، غوث جھتيال،  محمد بخش ڪورائي، تابش بخاري مهمان طور شرڪت ڪئي، تقريب کي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري شبير سيال صدارتي خطاب ڪندي چيو تہ سليم مغل موجوده دوُر جو سٺو ڪهاڻيڪار آهي،جنهن پنهنجي ڪهاڻين ۾ سنڌ جي ترجماني ڪئي آهي، سندس ڪهاڻين جا موضوع، پلاٽ ۽ ڪردار ڌرتيءَ سان سلهاڙيل آهن، اڄ دادو پريس ڪلب ۾ سنڌ صحافي اتحاد جي سهڪار سان ٿيل پروگرام ۾ شامل ٿي دلي خوشي ٿي آهي، صحافي تنظيم سنڌ صحافي اتحاد هڪ تاريخ لکي رهي آهي جيڪا ايندڙ وقت ناياب لفظن ۾ ياد ڪئي ويندي،نامور ڪهاڻيڪار الطاف ملڪاڻي چيو ته سليم مغل جون ڪهاڻيون سماجي اصلاح تي ٻڌل آهن، هن جي هر ڪهاڻي ڪنهن نه ڪنهن ريت سنڌ جي مسئلن جي نشاندهي ڪري ٿي، محبوب سنڌي چيو ته سليم مغل سجاڳ ڪهاڻيڪار آهي، جنهن جي ڪهاڻين ۾ سنڌيت جو عشق ملي ٿو، سينئر صحافي گلڻ خان ڀنڊ  چيو ته سليم مغل جو ڪهاڻي ڪتاب “ماڻڪ ڪٽارو ” سنڌي ادب ۾ سٺو واڌارو آهي،جنهن ۾ سماج جا عڪس ملن ٿا دادو پريس ڪلب ۽ سنڌ صحافي اتحاد جي ضلعي ٽيم جس لهڻي،وفا صالح راڄپر چيو ته سليم مغل برجستو ليکاري آهي نفيس طبعيت جو مالڪ آهي ،سينئر صحافي سرور جلال سولنگي چيو ته سليم مغل سنڌي ادب جو روشن ستارو آهي جنهن ڦلجي اسٽيشن مان ويهي سنڌ جي عشق تي سٺي لکڻي لکي آهي ۽ پنهنجي ڪتاب ۾ صاف سنڌي ٻولي جي بهترين لفظن جي چونڊ ڪري هڪ بهترين ڪتاب لکيو آهي، صحافي غوث جھتيال چيو ته سليم مغل سماج جو باشعور ليکاري آهي، مرحوم ڊاڪٽر قربان جھتيال سان گڏ رھيو، ممتاز مصطفىٰ دوست ۽ گھايل لغاري، حضور بخش گوپانگ چيو ته سليم مغل ڪهاڻي کيتر ۾ نئون ساھ ڦوڪيو آهي، خليل عارف سومرو ۽ خالد کوسي، سڪندر جروار چيو ته سليم مغل جون ڪهاڻيون سچائي جو ثبوت آهن، تقريب کي،علي گل چنه، نياز چانڊيو، دانش خشڪ، سخي سردار چارڻ، ذاڪر کوسو،اسلم آزاد ،لالا فيروز ڪنڀر،راجا رفيق پنهور،اسد ڪورائي  سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو،جڏهن ته تقريب ۾ انقلابي شاعر عاشق دادوي قومي گيت پڙهي ماحول گرماڻي ڇڏيو، جڏهن ته تقريب ۾ سنڌ سميت ڦلجي اسٽيشن ۽ دادو جي اديبن، شاعرن، سماجي ۽ سياسي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں