دوڙ (ن س) سنڌ نه ون يونٽ قبول ڪيو نه مارشل لاء ۽ آمريتي نظام کي پسند ڪيو، اها سنڌ ڪڏهن صدارتي نظام قبول نه ڪندي. اهڙي خيالن جو اظھار برک صحافي ۽ هاري اڳواڻ صلح بلو جي پهرين ورسي جي تقريب دوران اڳواڻن خطاب ڪندي ڪيو. سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي آڊيٽر مظهر خاصخيلي، هاري پورهيت اڳواڻ ڪامريڊ عرس سيلرو، صحافي زاهد راڄپر، عبداش پنهور، جي ايم سيال، ايس يو پي جي اڳواڻ ڊاڪٽر مجاهد رستماڻي، تعليمي شخصيت ڪرم علي جمالي، جسقم اڳواڻ بادل بروهي، سماجي اڳواڻ غلام شبير ڏيٿو، گل بهار مري ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته صالح بلو کي ڪڏهن به وساري نه ٿا سگهون. هن جدوجهد سان معاشري جون مايوسيون ٽوڙيون. انقلابي سياست، صحافت، تعليم، صحت سميت زندگي جي شعبن ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو. اڳواڻن مطالبو جيو ته برسات متاثرن جي بحالي وارن اعلانن تي عمل ڪيو وڃي. تقريب ۾ سڪرنڊ جي هاري اڳواڻ عطاءالله انڙ حيدرآباد جي هاري اڳواڻ ضمير آزاد پنوعاقل جي هاري اڳواڻ ولي محمد جتوئي ماهر تعليم شاھ محمد بروهي صحافي غلام مصطفي بروهي اميد علي پنهور منظور بروهي بابر وساڻ خادم حسين پنهور آرٽسٽ رضا ڪيريو اداڪار غلام حسين لاشاري سميت وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ مرحوم صالح بلو جي علمي ادبي سياسي صحافتي خدمتن تي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي.
