سعودي عرب ۾ بي بي فاطمه زهريٰ جو روضو تعمير ڪرايو وڃي:شهاب الدين شاهه

حيدرآباد( پ ر) پوري سنڌ جي سيدن سعودي عرب ۾ بي بي فاطمة الزهره رضه جن جو روضو تعمير ڪرڻ جي گهر ڪري ڇڏي آهي ۽  اعلان ڪيو آهي ته روضي جي تعمير جي اجازت ملڻ جي صورت ته ان جي تعمير  اسين سنڌ جا سيد پاڻ ڪرائينداسين، ان کان علاوه سنڌ جي سيدن غريب سيدن جي مدد لاءِ زڪوات ۽ عشر واري قانون ۾ ترميم ڪري خُمس کي پڻ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. اهڙا مطالبا حيدرآباد ۾ سنڌ سيد ايسوسيئيشن جي  مرڪزي جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڪيا ويا آهن. اهو اجلاس تنظيم جي مرڪزي صدر حسيني شهاب الدين شاهه جي صدارت ۾ سنڌ ميوزيم واري  آڊيٽوريم هال ۾ ٿيو. جنهن ۾ سمورن مرڪزي عهديدارن سان گڏ پوري سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن مان سيدن شرڪت ڪئي سنڌ سيد ايسوسيئيشن جي اجلاس ۾ متفقه ٺهراءُ منظور ڪيا ويا. انهن ٺهرائن ۾ سڀ کان اهم ٺهراءُ سعودي عرب ۾ بي بي فاطمة الزهره رضه جن جي روضي جي تعمير بابت هو. ان ٺهراءُ ذريعي وفاقي حڪومت کان گهر ڪئي وئي ته اها پرڏيهي وزارت جي ذريعي سعودي عرب جي حڪومت کان بي بي فاطمة الزهره رضه جن جي روضي جي تعمير ڪرائڻ جي اجازت وٺي ڏي. سعودي حڪومت اجازت ڏي ته اهو روضو سنڌ جا سيد پاڻ ٺهرائيندا. ٺهراءُ ۾ گهر ڪئي وئي ته ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.  اجلاس ۾ هڪ ٻيو اهم ٺهراءُ پڻ منظور ڪيو ويو جنهن ۾ سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي وئي آهي ته اها سنڌ جي زڪوات ۽ عشر واري قانون ۾ ترميم ڪري ان ۾ زڪوات ۽ عشر سان گڏ خاص طور تي غريب سيدن جي مدد لاءِ خُمس کي پڻ شامل ڪيو وڃي، ڇو ته سيد زڪوات جا حقدار نه آهن ۽ انهن  جي حڪومت طرفان ٻي ڪنهن به طرح جي مدد نه ٿي ڪئي وڃي. ان ڪري خُمس کي پڻ شامل ڪري غريب سيدن جي ان فنڊ مان مدد ڪئي وڃي.  اجلاس ۾ هڪ ٺهراءُ ذريعي اهو پڻ مطالبو ڪيو ويو ته جهڙي ريت ملڪ جي اهم شخصيتن جي لاڌاڻي يا اهم ڏکوئيندڙ واقعن تي ملڪ جو قومي جهڊو جهڪايو وڃي ٿو  ايئن ئي اسلامي تاريخ جي وڏي ڏکوئيندڙ واقعي ڪربلا جي ياد ۾ 10 محرم تي پڻ قومي جهنڊو ڪجهه وقت لاءِ جهڪايو وڃي اجلاس ۾ خطاب ڪندي مرڪزي صدر حسيني شهاب الدين شاهه چيو ته هاڻو ڪي ٻوڏ ۾ ٻين سان گڏ وڏي انگ ۾ غريب سيد پڻ سخت متاثر يا بي گهر ٿي چڪا آهن. ان ڏکي گهڙيءَ ۾ سنڌ سيد ايسوسييشن پڻ پنهنجا سمورا تنظيمي فنڊ متاثرن جي امداد ۾ خرچ ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته ٻين جي ڀيٽ ۾ اسان سيدن جي اها وڌيڪ ذميواري ٿئي ٿي ته اسين سيدن توڙي امتين جي مصيبتن جي وقتن ۾ مدد ڪريون ان لاءِ سرنديءَ وارن سيدن کي ان نيڪ ڪم لاءِ اڃان به وڌيڪ بهتر نموني حصو وڃڻ گهرجي. اجلاس ۾ سيد ذوالفقار علي شاهه، سيد صادق علي شاهه معصومي، غلام مصطفيٰ شاهه، سيد وسيم علي شاهه نقوي،  علي محمد شاهه، شبير احمد شاهه،   سڪندر علي شاهه، غلام محي الدين شاهه، ڊاڪٽر الطاف حيسن شاهه، گل محمد شاهه، منظور احمد شاهه، سيد رسول بخش شاهه ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں