سنڌ جي سياسي سماجي، ادبي ۽ صحافي اڳواڻن اقليتن کي برابري جي بنياد تي حق ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سياسي سماجي، ادبي ۽ صحافي اڳواڻن اقليتن کي برابري جي بنياد تي حق ڏيڻ، 30 هزار اقليتن جون نوڪريون خالي پيل ۽ سندن ملڪيتن تي قبضا هئڻ جو انڪشاف، آئين ۾ ترميم ڪري شيڊيول ڪاسٽ لفظ کي ڪڍڻ ۽ تعليم ذريعي ننڍ وڏائي جو تاثر ختم ڪرڻ جو مطالبو، موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان ۾ اڄ به 2 ڪروڙ ماڻهو کليل آسمان هيٺ ويٺل، اڳواڻن پاران حڪومت کان بي گهر ماڻهن کي 80-80 گز پلاٽ ڏئي اجهو ٺاهي ڏيڻ جي اپيل،  سنڌ ۾ اقليتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي آرٽس ڪائونسل ۾ منعقد تقريب  ۾ وفاقي وزير شيري رحمان، صوبائي وزير سردار شاهه، گيانچند ايسراڻي، نثار کهڙو، ڊاڪٽر کٽو مل، پونجو مل ڀيل، ڪرشنا ڪماري، ويرجي ڪولهي، ناصر محمود، سينيئر صحافي مظهر عباس، ڪرامت علي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي وفاقي وزير شيري رحمان خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي جو ھميشه کان اھو آئين رھيو آھي ته اقليتن جو تحفظ ڪيو وڃي، جمھوريت ڪڏھن رڪيل منزل ناھي ھوندي جمھوريت سفر ھوندو آھي جيڪو ھلندو رھندو آھي، زنده قومون پنھنجا حق وٺڻ ڄاڻنديون آھن، اقليتي بااختيار ھوندا ته اسان اڳتي وڌنداسين، پاڪستان ۾ شيڊويول ڪاسٽ لفظ ڇو ٿو استعمال ٿئي، ھي ڪولھي آھي، ھي نان مسلم آھي اھو طريقو غلط آھي، ھتي جيڪڏهن نثار کهڙو ۽ شيري رحمان مضبوط آھن ته سڀ مضبوط آھن، ان سوچ کي ھٽائڻو پوندو، هن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ ۾ سنڌ 80 سيڪڙو متاثر ٿيو، جڏهن ته پاڪستان ۾ اڄ به 2 ڪروڙ ماڻهو بي گهر آهن، ٻئي طرف پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو خطاب ڪندي چيو ته  پاڪستان ٺھڻ وقت پاڪستان جي جھنڊي ۾ اڇو رنگ رکيو ويو پر ان وقت جي حڪمرانن ان کي اقليت جو درجو ڏئي ڊڪليئر ڪيو، ڀٽو صاحب جي دور ۾ ون مين ون ووٽ چيو ويو ته پوءِ ڪاسٽ شيڊيول ۽ منارٽيز جو ذڪر ڇو ٿو ٿئي، ضياءَ الحق جي دور ۾ اسان کي توھان کي الڳ تصور ڪيو ويو، اقليتن کي گھڻي اھميت نه ڏيڻ جو تصور ڏنو ويو، پاڪستان ۾ وڏي ۽ ننڍي وارو تاثر تعليم ذريعي گھٽائي سگھجي ٿو، توھان پنھنجي ٻارن کي تعليم ڏياريو، نثار کهڙو چيو ته ڪرامت علي ۽ مظھر عباس کي پيپلز پارٽيءَ تي اڃان وڌيڪ تنقيد ڪرڻ گھرجي ھا ڇو جو تنقيد سان حوصلاه وڌندا  آهن، ان موقعي تي صوبائي وزير سردار شاھ  ڪولهين ۽ ميگهواڙن کي سنڌ جو اصل مالڪ قرار ڏيندي چيو ته تعجب اهو ٿو ٿئي ته اڄ هن ڌرتيءَ جا اصل مالڪ اسان کان حق گهرن ٿا، سنڌ جي ماڻھن دنيا کي سڃاڻپ ڏني، موھن جي دڙي جي ماڻھن ڦيٿو ايجاد ڪيو، ڪپڙي جو ڪارخانو لڳايو، سردار شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته مون جڏھن روپلي ڪولهي جي ورسي تقريب ڪندي چيو هو ته مان به جيڪڏهن ڪولھي ھجان ھا ته مون تي تنقيد ڪئي وئي، منهنجو ذاتي خيال آهي ته جيڪڏهن ڪولهي هجان ها ته روپلي ڪولهي واري فهرست ۾ شامل ٿي وڃان ها گهٽ ۾ گهٽ هي عرب وارو داغ ته لھي وڃي ھا، سيدن ڀلا ڪھڙا سنڌ کي پٽڪا ٻڌرايا آھن جو سيد ھجڻ لازمي آھي، ان موقعي تي اقليتن واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي خطاب ڪندي چيو ته شيڊيول ڪاسٽ جو نالو آئين ۾ ضرور آھي، پر شيڊيول ڪاسٽ جو تاثر پيپلز پارٽي ختم ڪري ڇڏيو آهي، وقت بدلجي ويو آهي  جو اڄ اسان کي ڪولھي ۽ ميگھواڙ ماني پچائي کارائن ٿا، هن وڌيڪ چيو ته  پاڪستان ۾ اقليتن کي ڪي به مسئلا ناھن جيڪڏهن اقليتن کي مسئلا آھن ته ھندستان جي مودي سرڪار ۾ آھن، ھتي ڪو به فرق ناھي ، مسجد ۽ مندر سڀ گڏ آھن، جيڪڏهن ھندن سان واقعا ٿين ٿا ته ڇا مسلمانن سان ڪونه ٿا ٿين، ان موقعي تي سينيئر صحافي ۽ تجزيه نگار مظھر عباس پيپلز پارٽي جي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته تمام آسان آھي اھو چوڻ ته شيڊيول ڪاسٽ اسان کي پسند ناھي، 30 ھزار اقليتن جون سيٽون پاڪستان ۾ گذريل ٽن سالن کان خالي پيون آھن پر مقرريون نه ٿيون ڪيون وڃن، هن چيو ته مون اسلام آباد ۾ رپورٽ ڏسي حيران ٿيس ته سنڌ ۾ اقليتن کي زمينن تي ڪيئن قبضا ڪيا ويا آهن، ايف آءِ اي انھن ھارين جو 300 ايڪڙ زمينن تان قبضا ختم ڪرائي اقليتن حوالي ڪئي آهي، 2014 ۾ پشاور ۾ چرچ تي حملي جو سپريم ڪورٽ سو موٽو ورتو پر چئن سالن کانپوءِ فيصلي ۾ چيو ويو ته اسان سڀ ڪجھ نه ڪري سگھياسين، اقليتن لاءِ ڪميشن قائم ڪيو ويو پر انھن جو سربراھ اڪثريت وارن کي چونڊيو ويو، اقليتن جي نوڪرين تي ٻيا ماڻھو قبضا ڪري ويٺا آھن پارليامينٽ انھن کي پنھنجا حق ڏيارڻ ۾ ناڪام رھي آھي، ھن رياست جو فرض آھي اقليتن جو تحفظ ڪري، انھن کي صحت سان گڏ تعليم ڏياري.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں