صوفي يونيورسٽي جي تعميراتي ڪم کي جلد مڪمل ڪيو وڃي:پروين منشي

ڀٽ شاھ (رپورٽ: امير علي بليدي(  يونيورسٽي آف صوفي ازم ۽ ماڊرن سائنسز ڀٽ شاهه جي سينڊيڪيٽ جو ڇھون اجلاس  منعقد ٿيو، اجلاس جي صدارت يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر پروين منشي ڪئي, اجلاس ۾ يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ جا مھمان شريڪ ٿيا ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد، ھائير ايجوڪيشن ڪميشن سنڌ ۽ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري ۽ ٻين متالقا ميمبر اجلاس ۾شرڪت ڪئي، اجلاس جي موقعي تي يونيورسٽي جي تمام اھم موضوعن تي بحث ٿيو.ان موقعي تي ڊاڪٽر پروفيسر پروين منشي ٻڌايو ته يونيورسٽي آف صوفي ازم اينڊ ماڊرن سائنسز جي سينڊيڪيٽ اجلاس ۾  تمام شعبن جا نمائندا موجود ھوندا آھن انھن جي موجودگي ۾يونيورسٽي جي ترقي يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ ۽ يونيورسٽي جي ريسرچ ۽ يونيورسٽي جي تعميراتي ڪمن جو جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي ڪجهه صلاحون سان گڏ سڀني ميمبرن يونيورسٽي جي ڪمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي جيڪا اسان جي لاء خوشي جھڙي ڳالھ آھي، ۽ چيو ته ھن تعميراتي مرحلي کي جلدي مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن يونيورسٽي پنهنجي بلڊنگ ۾ شفٽ ٿي سگهي، ان موقعي تي اھو پڻ چيو ويو ته يونيورسٽي جون جيڪي اسڪالرشپز آهن يونيوورسٽي جي تعليم۽ تحقيق جي حوالي سان جيڪي رپورٽ پيش ڪئي وئي ان کي اڃان واضح نموني سان عوام تائين پهچايو وڃي ته جيئن خبر پوي ته يونيورسٽي ڪھڙن ڪھڙن شعبن۾ ڪم ڪري رهي آهي، سينڊيڪيٽ جي ھن اجلاس جي موقعي تي يونيورسٽي جي دستور موجب جيڪي سليڪشن بورڊ ٿي چڪا انھن جي فيصلن کي پڻ منظور ڪيو ويو ۽ جيڪا يونيورسٽي جي سالياني رپورٽ ھئي ان کي به منظور ڪيو ويو ۽ اجلاس جي ميٽنگ جي پڇاڙيءَ ۾ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر پروين منشي صاحبه سڀني شرڪاء جو شڪريو ادا ڪيو ۽ اھا اميد ظاهر ڪئي ته يونيورسٽي  پنهنجي عروج جي صفر کي جاري رکندي انشاءالله ھن اجلاس ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويا آهن انھن کي ڏسندي چئي اھو سگھجي ٿو ته يونيورسٽي انشاالله جلد ئي ٻين سٺن يونيورسٽيز سان شانہ به شانہ ٿي ھلڻ ۾ ڪامياب ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں