لمس ۾ ٽن ڏينهن وارو سمٽ 2022 پڄاڻي تي پهتو

ڄامشورو(ڊ ر)لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو ۾ صحت واري شعبي ۾ پائيدار ترقي جي حاصلات لاءِ عالمي سطح جي ٽن ڏينهن وارو سمٽ 2022 پڄاڻي تي پهچي ويو، سمٽ 2022 جي اختتامي تقريب جي صدارت لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ چيو ته لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي روايت رهي آهي ته لمس يونيورسٽي نه رڳو صحت جي ميدان ۾ پاڻ مڃايو آهي پر هر مشڪل گهڙي ۾ قومي فرض سمجهي اول دستي جو ڪردار ادا ڪيو آهي، جڏهن ته صحت جي حوالي سان هن سمٽ 2022 کان اڳ به ڪيتريون ئي تحقيقي ۽ نصابي سرگرميون ڪيون آهن جن سان عوام کي تمام گهڻو فائدو مليو آهي ھي سمٽ به ان سلسلي جي ڪڙي آهي، جنهن ۾ ملڪ جي اعلي’ سطحي ڊاڪٽرن سان گڏ مختلف ملڪن مان آيل طبي ماهر شريڪ آهن، جن جون صحت جي مختلف پهلوئن کان ڪيل تحقيقي ڪم ٻين ڏانهن منتقل ڪيو جيڪو انهن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو ڄاڻ حاصل ڪندڙ نوجوان پنهنجن علائقن ۾ عوام جي خدمت ڪندا، جيڪا پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ اهم قدم هوندو. ان کان اڳ سنڌ جناح ميڊيڪل يونيورسٽي جي ايگزيڪيوٽو ايڊمنسٽريٽر پروفيسر ڊاڪٽر سيمي جمالي ڳالهائيندي چيو ته صحت جي شعبي ۾ زندگي جا 33 سال گذاريا آهن، دنيا جي هر واءُ سواءُ کي ڏٺو آهي، ان ۾ گهر ٻار جي پرواهه نه ڪئي، گرنيڊ، فائرنگ، قتل، غارت، ڪووڊ جي صورتحال کي ڏٺو، هن پروگرام جو مقصد بامقصد هو، هي ان حوالي سان مقصد ڏيندڙ تقريب هئي، تعلق جوڙڻ واري، زندگيءَ جو مقصد مريضن جي مدد ڪرڻ آهي مون بهبدل لڳائي ڪم ڪيو، نوڪري نه پر خدمت ڪئي. هن چيو ته مون تي حملا به ڪيا ويا، آئون مرندي مرندي بچي آهيان، زخمي ٿي آهيان، جهاز ماڊل، 2 ماڻهو بچيا هئا، ان رات بدقسمتي سان باقي سڀ مسافر فوت ٿيا، رمضان عيد هئي، پنهنجي ڊاڪٽر پنهنجي پرواهه نہ ڪندا آهن، ڪينسر سان بهادري سان وڙهان پئي، آخري دم تائين وڙهندي رهنديس ان ڪري ئي مون کي آئرن ليڊي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. تقريب کي خطاب سمٽ جي ارگنائيزنگ ڪميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر معين احمد انصاري خطاب ڪندي چيو ته  سمٽ 2022 جي ٽن ڏينهن دوران 150 کان وڌيڪ ملڪي توڙي پرڏيهي طبي ماهر شريڪ ٿيا. جن ٽن ڏينهن دوران جنرل فزيشن، نفسياتي، تحقيقي، ماحولياتي بهتري، رابطن، روين سوڌو طب جي مختلف موضوعن تي رٿيل نشستن ۾ پنهنجا علمي ۽ تحقيقي مقالا پيش ڪيا جيڪي سماج جي بهتري لاءِ ڪارائتا ثابت ٿيندا. پروگرام جي آرگنائيزنگ ڪميٽي ميمبر، ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار سمٽ جون قراردادون پيش ڪندي چيو ته فخر آهي جون آئون عالمي سطح جي سمٽ جون قراردادون پيش ڪري رهيو آهيان، لمس طرفان هي سمٽ 2030ع واري پائيدار ترقي واري مقصدن واري ايجنڊا تحت ڪرايو ويو، جنهن جو مطالبو آهي ته هر قسم جي عالمي تبديلين ۽ انهن سان مقابلن کي دنيا جي سمورن ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو جنهن سان مقصدن کي حاصل ڪري سگهبو، نصفي برابري، ماحولياتي تبديلي ايندڙ نسلن لاءِ ترقي واري عالمي ايجنڊا شامل آهي. اختتامي تقريب کي شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر حاڪم علي ابڙو، اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر انيلا عطا رحمان، ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر محمد جمن باهوٽو، لمس جي رجسٽرار حاجي محمد شيخ، ڊاڪٽر حسين بخش ڪولاچي سمٽ جي ڪو سيڪريٽري عطر حنيف راڄپوت ۽ ڊاڪٽر فيروز علي ڪلهوڙو پروگرام کي ڪامياب قرار ڏيندي شريڪ ريسرچر ۽ مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو. اختتامي تقريب ۾ تحقيق ڪندڙ مس حرا، مس نورين، مومن خان، محمد ريحان کي  ينگ ريسرچ ايوارڊ ۽ نقدي رقم ڏني وئي. آخر ۾ مهمانن کي اجرڪن ۽ لمس جا سووينيئر تحفي طور ڏنا ويا. جڏهن ته ڊاڪٽر الطاف ٽالپر، مختيار ميمڻ، شعيب انصاري، ڊاڪٽر اقبال، ڊاڪٽر خالدہ ناز ميمڻ، ڊاڪٽر ثمرين ميمڻ،ڊاڪٽر خالد شيخ، ڊاڪٽر عامر بٽ، ڊاڪٽر آذر اڪبر ميمڻ، ڊاڪٽر اسداللہ مخدوم، نجيب عباسي، امداد خشڪ، محبوب سنجراڻي، محمد جميل لغاري، ڊاڪٽر شاهده، شازيا ميمڻ، نند لال، مشتاق ڀٽي، عبدالرحيم شيخ، ڊاڪٽر ذوالفقار شاهه، ڊاڪٽر يعقوب شاهاڻي ۽ ٻين کي سووينيئر ڏنا ويا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں