لڪي مروت (بيورو) لڪي مروت جي برگئي ٿاڻي تي دهشتگردن جي حملي ۾ 4 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 4 زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب دهشتگردن ٿاڻي جي ٻنهي پاسن کان دستي بمن ۽ راڪيٽ لانچر سان حملو ڪيو، ان دوران پوليس ۽ دهشتگردن وچ ۾شديد فائرنگ جي ڏي وٺ پڻ ٿي. پوليس جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي حملي ۾ چار اهلڪار شهيد ۽ چار زخمي ٿيا، شهيد اهلڪارن ۾ ڪانسٽيبل ابراهيم، عمران، خيرالرحمان ۽ سبز علي شامل آهن. پوليس موجب حملي بعد فرار ٿي ويل دهشتگردن جي ڳولا لاءِ علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم شهباز شريف لڪي مروت ۾ پوليس اسٽيشن تي ٿيل حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي شهيدن جي پونئرن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. صدر عارف علوي پنهنجي بيان ۾ شهيد پوليس اهلڪارن درجن جي بلندي ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعا ڪندي شهيد اهلڪارن جي پونئرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته دهشتگردي جي باقيات جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي ڪوشش جاري رهندي. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته شهيد پوليس اهلڪارن کي سلام پيش ڪيون ٿا، پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن دهشتگردي خلاف عظيم قربانيون ڏنيون آهن. سندس چوڻ هو ته دهشتگردن ۽ سندن مددگارن ۽ سهولتڪارن جو خاتمو حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ڪي پي سرڪار شهيد اهلڪارن جي پونئرن جي سار لهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاران لڪي مروت ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ 4 پوليس اهلڪار شهيد ٿيڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ پوليس جي اهلڪارن تي حملن جي واقعن تي ڳڻتي آهي، دهشتگردن جو پيڇو ڪري کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاران به لڪي مروت ۾ پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪرڻ واري واقعي جي مذمت ڪئي وئي، خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي ۽ بدامني ۾ واڌ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو. ڪي پي جي وڏي وزير محمد خان به لڪي مروت ۾ ٿاڻي تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي لاڳاپيل اختيارن کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. خيبرپختونخوا جي وڏي وزير حمليکي انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو قرار ڏيندي چيو ته شهيدن جون قربانيون ضايع نه ٿينديون، حملي ۾ زخمي پوليس اهلڪارن کي بهترين طبي امداد فراهم ڪئي ويندي.
