نوابشاه(ڊ ر) سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان سنڌ ۾ زرعي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ جي خلاف نوابشاه ۾ احتجاج مظاهرو سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي ۽ سيڪريٽري جنرل ڪميونسٽ پارٽي پاڪستان امداد قاضي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي ويئي آهي سنڌ جي هارين سان ظلم ٿي رهيو آهي منعافي خور واپاري سنڌ جي هارين کي لٽي رهيا آهن هارين کي معاشي طور تمام وڏو نقصو پهتو آهي وقت جي سرڪار کي هارين سان ٿيندڙ ظلم سان ڪو به سروڪار ناهي زرعي شيون مهناگيون ڪري ويڪرو ڪرڻ جو مطلب زراعت کي تباه ڪرڻ آهي اڳواڻن چيو ته فوري طور ڀاڻ جي کوٽ ختم ڪئي وڃي هارين کي سرڪاري اگه تي ڀاڻ مهيا ڪيو وڃي ٻئي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو هارين پورهيت جي خوشحالي لاء اسان جي جدوجهد جاري رهندي.
