نوابشاهه(ڊ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي نوابشاهه پاران پرڏيهي وزير ۽ چيئرمين پاڪستان پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري سان اظهار يڪجھتي طور پاڪستان پيپلزپارٽي جي ضلعي صدر علي اڪبر جمالي، غلام شاهه لغاري، مير عبدالرسول بروھي، راشد چانڊيو، شير باز مري، علي نواز چانڊيو، ظفر زرداري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو، جڏهن ته ڪارڪنن پاران پارٽي جهنڊا کڻي مودي سرڪار ۽ انتهاپسند تنظيم خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي، ان موقعي تي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ بلاول ڀٽو زرداري بابت پروپگينڊه کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين، جڏهن ته بي جي پي ۽ مودي سرڪار پنهنجي پروپگينڊه کي بند ڪري، هنن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري اقوام متحده ۾ مودي سرڪار کي حقيقت تي ٻڌل آئينو ڏيکاريو آهي جنهن کان پوءِ ڀارت جو اصل چهرو پوري دنيا سامهون اچي ويو آهي، هنن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري کان معافي جو مطالبو ڪندڙ ۽ پاڪستان خلاف نعرا هڻندڙ بي جي پي کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته ڀارت ۾ دهشتگردن کي معافي ڏيڻ ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن جو قتل عام ڪرڻ واري مودي سرڪار اقوام متحده جي پليٽ فارم تان معافي گهري، هنن مطالبو ڪيو ته مودي سرڪار بلاول ڀٽو زرداري خلاف غلط پروپيگنڊه کان پاسو ڪري ٻي صورت نه صرف پاڪستان پر ٻين ملڪن ۾ به مودي سرڪار ۽ بي جي پي خلاف احتجاج ڪيو ويندو
