وزيرعظم جي چوڌري شجاعت سان ملاقات، ڀائيواري واري عمل کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق

لاهور ( بيورو ) وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ( ق ) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين سان لاهور ۾ ملاقات ڪئي آهي. پڌرائي موجب وزيراعظم چوڌري شجاعت حسين کان سندس طبعيت بابت معلومات ورتي ۽ کيس گلدستو پڻ پيش ڪيو. پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وزيراعظم چوڌري شجاعت حسين موجودا سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم معيشت جي بحالي ۽ عوام لاءِ رليف جي ڪوشش بابت چوڌري شجاعت کي آگاهه ڪيو جڏهن ته چوڌري شجاعت ملڪ ۽ عوام کي مسئلن  مان ڪڍڻ لاءِ وزيراعظم جي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل سهڪار ۽ ڀائيواري واري عمل کي وڌيڪ بهتر ۽ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اتفاق ڪيو ته سياسي استحڪام ۽ ويجهو سهڪار ملڪ کي مسئلن ۾ ڪڍڻ لاءِ ضروري آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں