اسلم ملاح
ماڻهو وقت کي ياد ڪن ٿا پر ڪڏهن ڪڏهن وقت ماڻهو کي ياد ڪندو آهي سو وقت ۽ يادن جو پاڻ م هڪ لاڳاپو آهي انهي وقت جي دري کي کولي ڏسڻ سان وقت توهان کي هڪ روز نئين مسئلي طرف کڻي هلندو پوءِ ڪڏهن ڪڏهن مسئلي جو حل ڪڍڻ لاء ماڻهو پاڻ کي وڃائي ويهي رهندو آهي ڪٿي ڪٿي منزل جو مزو ب چکي وٺندو سو اهڙين منزلن تي روز نوان بحث ڇڙندا رهندا آهن ڪڏهن بحث پنهنجو وجود وڃائي ٿو ڇڏي ته ڪڏهن وڃايل وجود برقرار رکي ٿو انهن سڀني کي ڳالهين کي پاڻ کڻي هلون ٿا پاڻي جي قدرتي وهڪرن ڏي جتي ماڻهو منجهاري جو شڪار آهن يا حڪومت ماڻهن کي منجهائي پنهنجا ڪم سڌا ڪرڻ جي چڪر م آهي سو انهئ تي ڪيترا ئي بحث ٿي چڪا آهن ڪيتريون ئي گڏجاڻيون پر ڳاله هڪ جڳ تي ٽڪي نٿي ڪڏهن ماڻهو غلط حڪومتي پالسين تي اچو دنگ ڪن ت ڪڏهن نئين جدوجهد جا گس پيا ڳولين پر مختلف ماڻهن جا مختلف رايا آهن ڇو پاڻي جا قدرتي وهڪرا ڪنهن هڪ ضلع جو مسئلو ناهي هن ۾ نواب شاه سانگهڙ ميرپور خاص عمر ڪوٽ بدين سڀئي ضلع اچي ٿا وڃن هاڻي منڊ جا ماڻهو چون ٿا پاڻي جا قدرتي وهڪرا بحال ڪندا ته مٿيان ضلعا بچندا وري بدين جا ماڻهو چون ٿا جيڪڏهن صرف پاڻي جا قدرتي وهڪرا بحال ڪري بدين تائين کڻي ايندا ته بدين جي ماڻهن جي زندگين کي وڏو خطرو ٿيندو سو انهي بحث ماڻهن کي منجهائي ڇڏيو ڪجه ماڻهن جو چوڻ آهي ته پاڻي جا قدرتي وهڪرا صرف هنن ضلعن جو مسئلو ناهي پاڻي جي قرتي وهڪرن لاءِ عالمي سطح تي هڪ ريسرچ ڪري عالمي سطح تي ڪيس کي کڻجي ته ان جا نتيجا بهتر نڪرندا جنهن ۾ اسان جي پاڙيسري ملڪ جا خدشا ختم ڪري انهيءَ کان پڻ اجازت وٺڻ جي ضروت پوندي هتي به ڪجهه ماڻهن جا ويچار بهتر ٿا لڳن پر انهئ سڄي معاملي کي ڪير ڏسندو ۽ ڪير آواز اٿاريندو اهو اڃان به بحث الڳ آهي ڪجه ماڻهن جو چوڻ آهي ته گورنمينٽ کي ان تي ڪم ڪرڻ گهرجي ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي گورنمنٽ ئي ٻوڙي ٿي سو بحث وري ب منجهاري جو شڪار ٿيو وڃي اصل ان بحث کي ڪٿي ختم ڪجي ۽ ان بحث مان ڪجه حاصل ٿي پوي جو سنڌ جا هي ضلعا هر سال ٻوڏ کان بچي سگهن جي ائين ن ٿيو ت ايل بي او ڊي پراڻ ندي ۽ هاڪڙو درياءَ جا وهڪرا ڪٿي نه ڪٿي انساني جانين جو کاڄ ٿين ٿا ڪيترائي ماڻهن انهن غلط منصوبن پاڻي جي ٽٽڻ ڪري جانيون ڏئي چڪا آهن ڪيتريون ئي زمينون هنن منصوبن جي ور چڙيو ويون هاڻي ايل بي او ڊي جا نقصان الڳ ته پاڻي جي قدرتي وهڪرن تي قبضن جا نقصان الڳ خبر ناهي ڪيستائين هي ظلم هلندو ءماڻهو هنن پيڙهائين مان نڪرندا هاڻي سياسي مانڊڻي پڻ ماڻهن کي نقصان سواءِ ڪجهه ناهي ڏنو تازو ئي توهان سڀني جي اڳيان ماڻهن کي پاڻي جي قدرتي وهڪرن جي ڪري ويڙهائي پاڻ فائدو وٺڻ جي ڳالهه ڪئي وئي پر مستقبل طرف ڪا اهڙي حڪمت عملي نه جوڙي وئي بس رڳو رونشو ڪرائي ماڻهن کي وڙهايو ويو پر ڪو بهترين حل ن ڪڍيو ويو جنهن سان پاڻي جا قرتي لنگ قدرتي وهڪرا قدرتي رستا بحال ٿي سگهن بس سياست کي چمڪايو ويو ۽ ماڻهو هر سال ائين ئي پنهنجا بچا کڻي دربدر ٿيندا رهندا جئين هر سال فصل لڙهيو وڃن گهر اجهڙيو وڃن سڀ حسرتون پاڻي جي وهڪرن ۾ پلٽيو وڃن ماڻهو سورن جي زندگئ کي هر سال جنم ڏين ٿا بس ڪو ب داد نه فرياد ٿو ٿئي انسانيت جي موڪلاڻي ٿي لڳي پر ٿيڻ ائين گهرجي سڀني ضلعن جي ماڻهن کي قانوني رستو اختيار ڪري پاڻي جا قدرتي وهڪرا مٿان کان بحال ڪرائي عالمي سطح تي ڪيس رکي ڀارت کان پاڻي جو رستو ورتو وڃي ۽ ايل بي او ڊي ۾ گندو ۽ زهيريلو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ بند ڪيو وڃي پراڻ ندي هاڪاڙي تان سمورا قبضا ختم ڪرائي نئين سر شڪور ڍنڍ م ڇوڙ ڪري بندن کي مضبوط ڪري ويڪري کوٽائي ڪرائي گهڻي پاڻي کڻڻ جهڙو ويڪرو ڪيو وڃي جئين پاڻي جو ڌٻاءُ گهٽجي ء هڪ نئين سنڌ جڙي پوي ۽ لاڙ وري پنهنجن اصل دور ورجهائي ويه ايل بي او ڊي جو پڻ پراڻو وهڪرو بحال ڪري سمنڊ کي رستو ڏيڻ گندو ٿيڻ کان بچايو وڃي جئين ماهيگرن جو روزگار بحال ٿي سگهي سڀني ڍنڍن سان گڏ نريڙي ڍنڍ به پنهنجون موجون موٽائي اچي وري والاسو پنهنجي سائي چادر پهري ۽ مالوند ماڻهن کي ڪوٺ جا سڏ ڏي ساحلي پٽي وري پکين ۽ مڇين سان ٽمٽار ٿي پوي گندڻ وري پنهنجو گيلاٽيون پائي اصل چوڻي موٽي اچي گندڻ گوندئي مان رات ڪتا کڻي ويا جهڙا لفظ وري گهونجن وري اُتر جي ڪا باڳل پنهنجي ور کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري ت مٺا تون م وڃ لاڙ پکو مان جهليندس اهڙا گيت وري رڪس جو جام پين ته لاڙ وري رتڙين سڳداسي چانورن جيراسائي گنجن جو ديس ٿي اُڀري پوي انهن لاءِ خوشبوءُ جو واس وٺڻ لاءِ اسان کي هر هڪ کي اڳيان وڌڻو پوندو هڪ ٿيڻ جي سخت ضرورت آهي ديس جي بچاءُ جي جنگ م تڪليفن جو جام ضرور اوتڻو پوندو تڏهن ساڀيان جا گلاب ٽڙي ڌرتي کي واسيندا ۽ اها خوشبوءُ نگر پاڪر تائين پنهنجو واس ڇڏيندي سو اچو ته دودي جي ڌرتئ لاءِ دودا ٿي اٿون ۽ هر مسئلي تي اُٿي بيهون پوءِ ائين نه ٿئي جو ڌرتي ڌارين جي ور چڙي وڃي اسان بس هوٽلن تي ويهي پاڙيسري ملڪن جي هيرن جا پيا نالا ياد ڪريون.
