ڪراچي ۾ سازش تحت سنڌي ماڻهن کي بيدخل ڪيو پيو وڃي:اياز لطيف

ملير(ڊ.ر) قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو عارب پنهور ڳوٺ پهچي ويو، ان موقعي تي متاثر ڳوٺاڻن سيد خدا ڏنو شاهه، حمزو پنهور، سڪندر پنهور ۽ ٻين ڳوٺاڻن سان ملاقات ڪري تفصيل ورتا جنهن بعد اياز لطيف پليجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌي قديم ڳوٺن تي ڪاروائي ڪري سنڌي ماڻھن کي بيدخل ڪرڻ جي سازش آھي، پ پ ان سازش ۾ شامل آھي ڪراچي ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ لاء بحريا , ڊي ايڇ اي جهڙيون اسڪيمون ٺاهيون پيون وڃن، قديم ڳوٺن کي مسمار ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته اهڙي عمل ۾ پ پ ۽ چونڊيل نمائندا برابر جا شريڪ آھن، پ پ چيئرمين هڪ طرف ڪشمير جي حقن جي ڳالهه ڪن ٿا ته ٻئي طرف ڳوٺ ڊاٿا پيا وڃن سنڌي ماڻھن هميشھ پ پ کي چونڊرايو آھي موٽ ۾ ھميشه ويساه گهاتي ڪئي آھي، هڪ طرف پرڏيهين جون ڪالونيون ٺاهي کين سهولتن سان رهايو پيو وڃي ته ٻئي طرف ڌرتي ڌڻين کي بيدخل ڪيو پيو وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں