خيرپورناٿن شاھ(رپورٽ:محمد فراز سوڍر ( خيرپورناٿن شاھ ۾ شھرين پاران ٻوڏ دوران تباھ ٿيل خيرپور ناٿن شاھ جي بحالي ۽ آئينده ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ اپاءَ ،جيa عنوان هيٺ سيمينار ڪوٺايو ويو. سيمينار ۾ شھر جي سياسي، سماجي، مذھبي ،صحافين ، نوجوانن ، واپارين ء شھرين، وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي. سيمينار جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي ، سيمينار جي اڳواڻي ڪندڙن حاجي منيراحمد شيخ، عابد حسين لاکير، فقير محمد شيخ، سيٺ عاشق حسين کوسو، ايڊووڪيٽ شعبان علي ملاح، عابد ٻٻر، سٽي پريس ڪلب جي صدر عمران بلوچ، اياز ٻرڙو، عرفان مشوري، ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت ۽ انتظاميا جي نااهلي سبب خيرپور ناٿن شاھ کي ھٿ وٺي بيو دفعو ٻوڙي تباھ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ھن خطي جي معيشت به مڪمل تباھ ٿي چڪي آهي ان جي باوجود به چونڊيل نمائندن ھن وقت تائين ڪابه ثار سنڀال نه لڌي آهي تازو وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه ڪي اين شاھ جي دوري دوران ھن شھر کي ڪوبه رليف نه ملي سگهيو آهي ، جنھن مان ظاھر ٿئي ٿو ته ايندڙ آفتن کان ھن خطي کي بچائڻ جي لاءِ حڪومت طرفان ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا آهن، انھيءَ مان صاف ظاهر آهي ته شھر کي وري ٻوڙي تباھ ڪيو ويندو، موسمياتي کاتي پاران 2023 آگسٽ جي مهيني ۾ برساتن جي امڪان ظاهر ڪرڻ سبب خيرپورناٿن شاھ واسين جو ساھ مٺ ۾ اچي ويو آهي، ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھيو ته حڪومت سنجيده ڪردار ادا ڪري، خيرپور ناٿن شاھ کي بچا جي لاءِ ڏنل ايف پي بند، ايم اين وي ڊرين، سپريو بند، ۽ خداواھ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اھم ڪردار ادا ڪري، شھر جي ڏنل سپريو بند کي ڪاري موري تائين پاڻي جي نيڪالي لاءِ ڪم ڪرايو وڃي.
