آصف علي زرداري، شاهد خاقان ۽ فريال ٽالپر جا ڪيس ٻڌندڙ احتساب عدالت جو جج بدلي

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ پيپلز پارٽي اڳواڻ فريال ٽالپر جي ڪيسز ٻڌندڙ احتساب عدالت اسلام آباد جو جج بدلي ٿي ويو آهي. احتساب عدالت جو جج اعظم خان آصف زرداري، شاهد خاقان، فريال ٽالپور ۽ مفتاح اسماعيل خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي ڪري  رهيو هو. قانون واري وزارت اعظم خان کي بدلي ڪري اسپيشل جج سينٽرل مقرر ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سفارش تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ناصر جاويد رانا احتساب عدالت اسلام آباد جو نئون جج مقرر ٿي ويو. ناصر جاويد رانا جي ٽن سالن لاءِ مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں