اوٻاوڙو(ن س)اوٻاوڙو الائينس شوگر مل اندر قتل ٿيل نوجوان جنيد ملڪ کي پنج ڏينهن گذرڻ باوجود ڪيس داخل نه ٿيو نه ئي وري قاتل گرفتار ٿي سگهيا ۽ ٻه ڏينهن اڳ اوٻاوڙو جي ڳوٺ لانگهو جا رهواسي ٻه نوجوان اغوا ٿيل صفدر ملڪ ۽ فياض ملڪ کي به پوليس اڃان تائين بازياب نه ڪرائي سگهي، الائنس شوگر مل اندر پنج ڏينهن پهرين قتل ٿيل جنيد ملڪ جو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ قاتل گرفتار ڪرڻ ۽ اغوا ٿيل ملڪ برادري جي ٻن نوجوانن جي بازيابي لاءِ آل سنڌ ملڪ ويلفيئر اتحاد جي سرپرستي اعلي چيف آف ملڪ سردار لهڙي خان ملڪ جي اڳواڻي ۾ سياسي سماجي شهري ۽ ڪاروباري ماڻهو وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ملڪ هائوس کان هڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي جيڪا نيشنل ھائي وي کان ٿيندي مختلف روڊ رستن کان ٿيندي اوٻاوڙو مين چوڪ تي پهتي جتي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جتي شگر مل ۽ پوليس انتظاميه خلاف جذباتي اڀڏار نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي چيف آف ملڪ سردار لهڙي خان ملڪ، آل سنڌ ملڪ ويلفيئر اتحاد جي مرڪزي نائب صدر استاد عزيز الله ملڪ، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر نذير احمد ملڪ ، بشير احمد ملڪ ،استاد عبدالحڪيم ملڪ ،وڏيرو صادق ملڪ، لالا نور حسن ملڪ، نذير ملڪ، سردار حاجي خان سپيو ،محمد علي سپيو، عبدالمجيد شر، ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پنج ڏينهن گذرڻ باوجود قتل ٿيل نوجوان جنيد ملڪ جو پوليس اڃان تائين ڪيس داخل ڪرڻ کان گٿو جواب ڏئي رهي آهي، ۽ نه ئي وري سندس قاتل گرفتار ڪري ٿي، پوليس ۽ شگرمل انتظاميه وارثن کي پئسن عيوض ٺاھ لاءِ دٻاءُ وجهي رهي آهي، جنهن کي وارثن ٺڪرائي ڇڏيو آهي، ۽ ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جيڪو انهن جو قانوني حق آهي، ۽ ٻه ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نوجوان صفدر ملڪ ۽ فياض ملڪ کي نامعلوم ھٿياربند ھٿيارن جي زور تي رستي مان اغوا ڪري کڻي ويا آهن پوليس اڃان تائين ٻن مغوين کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، پوليس جي سُستي ۽ ناانصافين خلاف ملڪ برادري جي ماڻهن شهرين توڙي ڪاروبارين ۾ سخت تاء پکڙيل آهي علائقي ۾ خوف ۽ ڏک واري لھر ڇائنيل آهي جو اڃان تائين پوليس جي ڪن تي جون ئي ناهي چري اسان جو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، آء جي سنڌ غلام نبي کان مطالبو ٿا ڪريون ته جنيد ملڪ جو ڪيس داخل ڪري قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ ملڪ برادري جي ٻنهي اغوا ٿيل مغوين کي بازياب ڪرائي وارثن ۽ علائقي ۾ پکڙيل بيچيني خوف، ۽ ڪاوڙ کي ختم ڪرايو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ ملڪ اتحاد جي پليٽ فارم تان پوري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا تيستائين خاموش ٿي گهر نه ويھنداسين جيستائين وارثن کي انصاف نه ملندو.
