تعليم کاتي ڪراچي ۾ هلندڙ جعلي اسڪول جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ جي اسڪول ايجوڪيشن اينڊ ليٽريسي ڊپارٽمنٽ ڪراچي ۾ڳچ عرصي کان هلندڙ جعلي اسڪول جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. ڪراچي جي علائقي ڊفينس ويو ۾ 2017 کان هلندڙ الائيڊ اسڪول رجسٽرڊ نه هجڻ جو نوٽيس ورتو ويو. سنڌ جي راڄڌاني ۾ 6 ورهين کان اڻ رجسٽرڊ اسڪول هلڻ تي انتظاميا کي 10 لک رپين کان مٿي جو هرجاڻي جو نوٽيس اماڻيو ويو. جاري ٿيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪڏهن  ست ڏينهن اندر اسڪول انتظاميا اسڪول رجسٽرڊ نه ڪرايو ته قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں