حسن جي عالمي مقابلي جو تاج ڀارتي حسينا ماڻي ورتو

لاس ويگاس (م ڊ) عالمي حسن جي ”مسز ورلڊ“ جو تاج 21 سالن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي حسينا ماڻي ورتو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب آمريڪا جي شهر لاس ويگاس ۾ منعقد حسن جي مقابلي ۾ سرگم ڪوشل مسز ورلڊ 2022 (دنيا جي حسين ترين شادي شده عورت) جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. ميڊيا رپورٽس موجب عالمي حسن جي مقابلي ۾ 63 ملڪن سان واسطو رکندڙ شادي شده عورتن شرڪت ڪئي ۽ مختلف مرحلن کانپوءِ ڀارت جي سرگم ڪوشل کي مسز ورلڊ 2022 قرار ڏنو ويو. سرگم ڪوشل جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ موجب سندس تعلق جمون ڪشمير سان آهي، هن انگريزي ادب ۾ پوسٽ گريجوايشن ڪئي آهي ۽ ڪجهه عرصو پڙهائيندي به رهي آهي، هن 2018 ۾ ڀارتي بحريا جي آفيسر سان شادي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته ڀارت هلندڙ سال ٻيو ڀيرو مسز ورلڊ جو تاج پنهنجي نالي ڪيو آهي، ان کان اڳ ڊاڪٽر اديتي گوتريڪر 2001 ۾ اهو اعزاز حاصل ڪيو هو. ايوارڊ جي جيوري پينل ۾ ڀارتي اداڪارا سوها علي خان، اڳوڻي مسز ورلڊ اديتي گوتريڪر، وويڪ اوبرائي ۽ محمد اظهر الدين به شامل آهن.ايوارڊ جي جيوري پينل ۾ ڀارتي اداڪارا سوها علي خان، اڳوڻي مسز ورلڊ اديتي گوتريڪر، وويڪ اوبرائي ۽ محمد اظهر الدين به شامل آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں