دادو(رپورٽ علي گوھر سومرو) دادو پريس ڪلب آڏو مسلسل ٽئين ڏينھن به سنڌ سڀا جي اڳواڻ سنڌي انعام عباسي، شاهنواز ڀٽي، امتياز سولنگي، شمن انقلابي، ديشي اشفاق ملڪ، احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي، اڳواڻن چيو ته 15ڏينهن کان ميهڙ ۾ ڪتابي ميلو لڳايو هيو، جنهن بعد ڪتاب کڻي ڪي اين شاھ اچي رهيو هيس ته ڪولاچي موري وٽان پوليس وردي ۽ سادن ڪپڙن ۾ اهلڪارن اسان 3 ڄڻن اصغر مهراڻي، اصغر باريجو ۽ مونکي کنڀي کڻي ويا، جنهن بعد مون کي سيوھڻ ڀرسان ڇڏيو ويو،جنهن بعد پيادل سفر ڪري دادو پهتس، اسان جو ڏوھ سنڌي نوجوانن جي آزادي جي ڳالھ ۽ احتجاج ڪرڻ تي مونکي سري عام کنڀي تشدد ڪيو ويو، هنن وڌيڪ چيو ته اسان علم سان پيار ڪندڙ آهيون اسان کي هٿيار ۽ هٿيار رکڻ وارن سان نفرت آهي، سنڌ جي حقن سان گڏ پنهنجي گهر جو گاڏو هلائڻ خاطر ڪتابن جا ميلا لڳائيندو آهيان، منهنجا 2 ساٿي اصغر مهراڻي ۽ اصغر باريجو کي ويگو گاڏي ۾ نامعلوم هنڌ کڻي ويا آهن جن جي آزادي تائين دادو پريس ڪلب آڏو احتجاج جاري رهندو.
