سجاس پاران 17 سالن کانپوءِ انگلش صحافين جي اعزاز ۾ تقريب، هوم ٽيسٽ سيريز جي ڪوريج به ڪئي

ڪراچي (اسپورٽس رپورٽر) سترہ سالن کانپوءِ اسپورٽس جرنلسٽس آف سنڌ (SJAS) پاران پاڪستان انگلينڊ جي هوم ٽيسٽ سيريز جي ڪوريج ڪندڙ انگلش صحافين جي اعزاز ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ اڳوڻو ڪپتان ناصر حسين، انٽرنيشنل مبصر مائڪ آرٿرٽن، بازيب خان، سينيئر صحافين  قمر احمد، اقبال جميل، ماجد ڀٽي، رضوان علي، شاهد هاشمي، مرزا اقبال بيگ، رشيد شڪور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سجاس جو اڳوڻو صدر طارق اسلم پي ايس ڊبليو ايف جو سيڪريٽري جنرل اصغر عظيم، سجاس جي سينيئر نائب صدر محمود رياض، نائب صدر مجاهد سولنگي، عالم زيب، سيڪريٽري جنرل شاهد عثمان ساتي، سيڪريٽري فنانس شاهد انصاري، سيڪريٽري اطلاعات جعفر حسين،  سينيئر صحافين سيد نصر اقبال، انيس الرحمان، مصطفيٰ عزيز ۽ انگلينڊ جي صحافين شرڪت ڪئي. سجاس جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبرن احسان خان، پرنس معين، ڪلثوم جهان، ارشد وهاب، ذيشان احمد، علي حسن، عمر شاهين سميت سجاس جي ميمبرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳوڻي انگلينڊ ڪپتان ناصر حسين، مائيڪ آرٿرٽن ۽ پرڏيهي صحافي لارنس بوٿ شاندار تقريب ۽ مهمان نوازي تي سجاس جو شڪريو ادا ڪيو، سينيئر صحافين قمر احمد، اقبال جميل چيو ته سجاس هنن مهمان صحافين کي ڀليڪار ڪري اسان سڀني جون دليون کٽي ورتيون. ڪرڪيٽرن وانگر اسپورٽس جرنلسٽ به سڄي دنيا ۾ امن جو پيغام پکيڙڻ جو وسيلو آهن، اهو ئي سبب آهي ته رانديگرن ۽ اسپورٽس صحافين کي امن جا سفير چيو وڃي ٿو.پاڪستان اسپورٽس رائٽرز فيڊريشن (پي ايس ڊبليو ايف) جي سيڪريٽري جنرل اصغر عظيم چيو آهي ته سجاس انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي واپسي کانپوءِ سريلنڪا، آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا جي صحافين جي اعزاز ۾ هڪ تقريب پڻ منعقد ڪئي آهي، سجاس جي سيڪريٽري شاہد عثمان ساتي. مهمان صحافين جي پاڪستان خاص ڪري ڪراچي دوري ۽ تاريخي سيريز جي ڪوريج ڪرڻ تي انهن جا ٿورا مڃيا.هن چيو ته مهمان صحافين کي ڀليڪار ڪرڻ جو مقصد پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ڪرڪيٽ لاڳاپن کي وڌيڪ پائيدار بڻائڻ آهي، سج جو خيال آهي ته انگلينڊ جي ٽيم جي سترہ سالن کان پاڪستان آمد ۾ پاڪستاني صحافين سان گڏ انگلينڊ جي صحافين جو ڪردار به اهم آهي. تقريب جي پڄاڻي تي انگلينڊ جي صحافين ناصر حسين ۽ مائيڪ آرٿرٽن کي سنڌ جي محبت ۽ ثقافت جي علامت طور سجاڳ جي يادگار شيلڊز ۽ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پيش ڪيا ويا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں