قمبر(ڊ ر) قمبر ميمڻ برداري جو قمبر پوليس خلاف لاڙڪاڻو باءِ پاس روڊ تي رڪاٽون وجهي احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي ان موقعي تي ميمڻ برداري جي نيڪ مردن شهباز ميمڻ صفدر علي ميمڻ ساجد علي ميمڻ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ مهينو اڳ قمبر جي ڳوٺ ڇڇڙا جي رهواسي نوجوانن عزير ميمڻ ۽ طفيل ميمڻ کي زميني جي مالڪي تان ڪلهوڙا برداري جي ماڻهن قتل ڪيو هو جنهن جي ايف آئي آر سٽي ٿاڻي تي جوابدار خلاف داخل ٿيل آهي پر قمبر شهدادڪوٽ جو ايس ايس پي ۽ قمبر سٽي ٿاڻي جو ايس ايڇ او سياسي ونگاري بڻجي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ رڳو مقتول ڌر کي دالاسا ڏئي رهيو آهي هنن چيو ته ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار پوليس کي ڳري رشوت ڏئي آزاد گهمي رهيا آهن جن مان کين هن وقت به جاني ۽ مالي خطرو آهي هنن مطالبو ڪيو ته آهي. ان موقعي تي ڊي ايس پي قمبر ڌرڻي واري هنڌ پهچي ڌرڻي وارن سان ڳالهيون ڪري کائن 5 ڏينهن جي مهلت گهري ورتي آهي ۽ کين يقين ڏياريو آهي ته جلد کان جلد قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن گرفتار ڪري قانون موجب قرار واقع سزا ڏياري ويندي.
