ڪراچي(پ ر) مسلم ليگ ق سنڌ جي ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري رحمت الله ٻرڙو چيو آھي ته مسلم ليگ جي مرڪزي قيادت هميشه سياست ۽ رياست جي حق جي ڳالھ ڪئي آھي. ڇوته رياست مضبوط ته سياست مضبوط هوندي آھي،ان ڪري اڄ جون ملڪي سياسي ۽ معاشي حالتون ٻڌائن ٿيون ته رياست جي حق ۾ اهو آھي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام ۽ معاشي استحڪام ضروري آھي جنهن لاءِ قائد چوڌري شجاعت حسين ۽ جنرل سيڪريٽي ق ليگ طارق بشير چيما جن اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آھن. رحمت الله ٻرڙو پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ملڪي حالتون انتهائي معاشي ۽ سياسي حوالي سان نازڪ صورتحال مان گذري رهيون آھن جنهن لاءِ هرطبقي کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته سينيئر سياستدانن جو ڪٺ ملڪي حالتن تي انتهائي سنجيدگيء سان غوروفڪر واري صورتحال تي ڏينهن رات ڌيان ڏيندي ملڪي حالتن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪوشان آھي. ملڪ دشمن پرڏيهي اشارن تي کيڏڻ وارن جو وقت پورو ٿي چڪو آھي.هن وڌيڪ چيو ته اسان جي صوبائي قائد مسلم ليگ ق سنڌ جي صدر طارق حسن کي وڏي وزير جي ڪابينه ۾ صوبائي صلاحڪار جو پروٽ فوليو ملڻ هڪ خوش آئينده قدم آھي ان سان عوام جا ،همدردن جا ۽ ورڪرز جا سنڌ ۾ ڪم ڪار آسانيء سان ٿي سگهن ٿا.
