ڪڏهن رسين ٿو ڪڏهن کلين ٿو
ڪڏهن ڪرين ٿو گلا
مٺا منهنجي پارت توکي آ
محمد پريل گهوٽو
سنڌ ڌرتي هيرن مان ڀري پئي آھي سنڌ جي واهڻ وستي جر جهنگ ۾ املي قردار پيا آھن جن قردارن جي واکائڻ ڪرڻ انهن کي سارائڻ لاءِ وقت گهرجي اهڙن انمول هيرن کي وساري نٿو سگهجي اهڙن ئي قردارن انمول هيرن مان سنڌ جو ڏاهو اديب محقق مشھور عوامي شاعر محترم سائين بلاول اوٺو به هڪ آھي جنهن جي ڪم ڏاهپ تحقيق شاعري ادبي طرز سچائي ميل ملاقات سمجهاڻي مهمان نوازي کي نه سارجي اهو ٿي نٿو سگهي سائين بلاول اوٺو گهڻ خوبي شخصيت جو مالڪ آھي جنهن وٺان هميشه محبتن جا انبار ملن ٿا هو دلي دريا شخص هميشه ماڻھون جي ڀلائي سٺائي لا۽ سوچيندو رهي ٿو ۽ درس ڏيندو رهي ايئن ئي چئجي ته سائين بلاول اوٺو هڪ درسگاه آھي جنهن مان ادب تخليق جا اونڃايل شاگرد فيضياب ٿيندا رهن ٿا اهڙا مشھور گيت ڪڏنهن رسين ٿو ڪڏنهن کلين ٿو ڪڏنهن ڪرين ٿو گلا مٺا منهنجي پارت توکي آ سريندڙ سائين بلاول اوٺو 20 ڊسمبر 1945ع تي ٿرپارڪر جي تعلقي مٺي جي ڳوٺ خانورا اوٺو ۾ ماٺيڻو اوٺو جي گهر ۾ جنم ورتو پاڻ سنڌي ورنيڪيولر فائنل جو امتحان پاس ڪري تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو، مٺياڻي ڪاليج مان ٻه مھينا ڪورس ڪيو ۽ 1967ع ۾ سڪرنڊ مان JV جو ٻارنھن مھينا ڪورس ڪيو. پاڻ پرائمري اسڪولن ولي محمد ڀرڳڙي تعلقو جمس آباد، حاجي عبدالله خان کوسو، کارو بجير، غلام محمد شاھ روشن آباد، گلو تڙ، سانياسر، قيصر خان لغاري، محمد علي شاھ سائينداد ڀنڀرو، علي محمد خاصخيلي، نئون ڪوٽ شھر ۽ اتان کان پوءِ 1990ع ۾ سندس ڳوٺ جي اسڪول بلاول اوٺو ۾ پڙھايو ۽ 2005ع ۾ رٽائر ٿيو. سروس دوران بلاول اوٺو تعليم بابت ھڪ طويل مقالو لکيو جنھن تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ايوارڊ ڏنوـ بلاول اوٺو جا ڪيترا ئي شاگرد وڏن عھدن تي فائز آھن ۽ ھن ھزارين شاگردن کي تعليم ڏني. تازو بلاول اوٺو کي ڀٽائي پينل پ ٽ الف سنڌ طرفان کيس تعليمي خدمتن جو مڃتا ايوارڊ ڏنو ويو آھي. بلاول اوٺو عوامي شاعر جي نالي سان پڻ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. ھن مختلف صنفن تي شاعري لکي آھي. لکيل صنفون: غزل، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، گيت، ڪلام، وائي، ڪافي، بيت، چئوسٽا، ٽيڙو، قطعو, مسدس, لولي وغيره . ڇپيل ڪتاب: ٿوهر منهنجو من 1992ع، گيت انوکا گهايل من 2017ع (ڪارونجهر تي آئون اڪيلي) ڇپائي هيٺ آهي. سندس لکيل ڪيترائي ڪلام سنڌ جي مشھور فنڪارن ڳايا آھن جيڪي مشھور ۽ مقبول ٿيا آھن فنڪارن پارن سندس ڳايل ڪلام اڄ به سنڌ هنڌ سميت پوري دنيا ۾ جر جهنگ ۾ ٻڌا وڃن ٿا سندس شاعري جا لکن جي تعداد ۾ پرستار آھن ڪيترائي اهڙا پرستار آھن جن وڏي تعداد ۾ سائين بلاول اوٺو جا ڪلام ياد آھن جيڪي پنهنجي آواز ۾ جهونگاريندا رهن ٿا. شاعري ۾ سائين بلاول اوٺو کي ڪيترائي ايوارڊ مليا جن ۾ ايوارڊ سخي ادبي ڪاميٽي ٽنڊي جان محمد پاران 16 اپريل 1992ع تي پراڻ ايوارڊ، پاڪستان براڊ ڪارپوريشن حيدرآباد طرفان 15 ڊسمبر 1993ع تي بهترين شاعر مڃتا سرٽيفڪيٽ، 2004ع ۾ فوزيه سومرو ايوارڊ، 2005ع ۾ ماروئڙا ڪوآرڊينيشن ڪائونسل مٺي پاران ٿرپارڪر ايوارڊ، لائيف اچيومينٽ ايوارڊ، سنگت ايوارڊ, مارئي ايوارڊ ۽ انهيءَ کان علاوه کوڙ سارا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليل آهن. بلاول اوٺو سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو حيدرآباد ۾ بورڊ آف گورنس جو ميمبر پڻ رھي چڪو آھي. ريڊيو پاڪستان مٺي تي 2005 کان ڏاڏي جو ڪردار اوطاق پروگرام ڪندو پيو اچي. بلاول اوٺو جي شاعري سنڌ جي هر ننڍي وڏي فنڪار ڳائي ڪيسٽ، ريڊيو ۽ ٽي وي تي، جنهن ۾ فوزيه سومرو، ثمينه ڪنول، حميرا چنا، امبر مهڪ، صنم ماروي، ديبا سحر، ثمينه گڏي، فرح خانم، انجم آرا، شبانه بلوچ، عابده پروين، رازده پريون، تاج مستاني، شازيه خشڪ، ثريه سومرو، ديبا ڪنول، استاد محمد يوسف، سجاد يوسف، الهڏنو خاصخيلي، الهڏنو جوڻيجو، محبوب خاصخيلي، ڦوٽو زرداري، الهداد زرداري، قاسم اوٺو، مٺو ڪڇي، جلال چانڊيو، انور وسطڙو، بادل راهي، ذوالفقار راهي، رجب فقير، ڪريم فقير، صادق فقير، مراد فقير، مصري ڏيپلائي، سرمد سنڌي، احمد مغل، راجا ذوالفقار علي، اسلم فقير، وغيره.
