منهنجي حڪومت ڪيرائڻ ۽ موجوده معاشي بحران جو ذميوار جنرل (ر) باجوا آهي: عمران خان

لاهور (بيورو) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪا منهنجي حڪومت ڪيرائڻ ۾ ڪيترو ذميوار آهي ڪجهه نٿو چئي سگهان، انڪري سائفر جي جاچ ڪرائڻ چاهيان ٿو. زمان پارڪ لاهور ۾ پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته ق ليگ ۽ پي ٽي آءِ ٻه ڌار پارٽيون آهن، ق ليگ جي جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا جي حوالي سان پنهنجي پاليسي آهي پر پي ٽي آءِ اِهو سمجهي ٿي ته موجودا حالتن ۾ جو ذميوار باجوا آهي. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا منهنجي حڪومت ڪيرائڻ ۾ ڪيترو ذميوار آهي ڪجهه نٿو چئي سگهان، انڪري سائفر جي انڪوائري چاهيان ٿو. سندس چوڻ هو ته نيب جنرل باجوا جي ڪنٽرول ۾ هو، هن منهنجي مخالف باوجود سڀني کي اين آر او ڏنو، منهنجي حڪومت ڪيرائڻ جو واحد ذميوار جنرل ( ر )  باجوا آهي ۽ موجودا سياسي ۽ معاشي بحران جو ذميوار به هو ئي آهي. پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جي حوالي سان عمران خان جو چوڻ هو ته پرويز الاهي مونکي لکت ۾ اسيمبليون ٽوڙڻ جي صلاح ڏني هئي ۽ جمع تي اِها ايڊوائس گورنر ڏانهن اُماڻي ويندي جڏهن ته ق ليگ آزاد پارٽي آهي، نه ليگ سان ڳالهيون ڪري سگهي ٿي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں