ڄامشورو(ڊ ر)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو اجلاس اڄ تاريخ 19 ڊسمبر 2022ع تي پارٽي صدر سيد زين شاھہ جي صدارت ۾ جي ايم سيد ايڊيفس ڄامشورو تي ٿي گذريو. اجلاس ۾ روشن علي ٻرڙو، جگديش آھوجا، امير آزاد پنھور ، امير علي ٿيٻو، خواجہ نويد امين ، مختيار احمد ميمڻ، روشن ڪلھوڙو، منير احمد نائچ، عزيز ڪينجھرائي، رمضان ٻرڙو، آسيس لغاري، فلڪ شير اوڏ، خدا بخش ٿيٻو، بشير احمد لنڊ، ظريت بجاراڻي، رئيس عبدالڪريم چانڊيو شرڪت ڪئي. اجلاس بعد سيد زين شاھہ پريس ڪانفرس کي خطاب ڪندي چيو تہ آصف زرداري پنهنجي پٽ کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ (ن) ليگ سان گڏجي سنڌ کي ورهائڻ جو سودو ڪري رهيو آهي. اسٽيبلشمينٽ زرداري جي چوڻ تي ملڪ جي تاريخي وحدتن کي ٽوڙڻ کان باز اچي. سنڌ جو ورهاڱو پيپلز پارٽي جي ايجنڊا ۾ شامل آهي، اسان نون صوبن لاءِ جوڙيل ڪميٽي کي رد ڪريون ٿا، پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ ايم ڪيو ايم جي ھن سنڌ دشمن فيصلي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين ۽ پنهنجي اتحادين سان گڏجي ھن خلاف جدوجھد ڪنداسين. ملڪي مفاد ۾ بهتر ٿيندو ته نون صوبن جي معاملي کي نہ ڇيڙيو وڃي ، ڪٿي ائين نہ ٿئي ڪو وڏو حادثو پيش اچي وڃي. پيپلزپارٽي هميشه 18هين ترميم جي نالي تي صوبائي خودمختياري جو ڊرامو ڪندي رھي آھي پر سنڌ اسيمبلي ۾ آرٽيڪل 144 ۽ 147 تحت ايگزيڪيوٽو پاور ۽ قدرتي وسيلن جا اختيار وفاق کي ڏيڻ جو ٺهراءُ پاس ڪري پيپلز پارٽيءَ سنڌ سان غداري ڪئي آھي. اهو 2012ع جي ٻٽي مڪاني نظام کان بہ وڌيڪ خطرناڪ آهي. پيپلز پارٽي سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءُ پاس ڪري صوبائي خودمختياري وفاق جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ من پسند ووٽرن ذريعي پري پول ڌانڌلي جي سازش ڪئي پئي وڃي. هن وقت تائين سنڌ جي مختلف ضلعن مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نہ ٿي سگهيو آهي ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ ڪي بہ عملي قدم نہ کنيا ويا آهن، جيڪو انتھائي شرمناڪ عمل آهي. 17 جنوري 2023ع تي سائين جي ايم سيد جي سالگرھہ ڀرپور نموني ملهائي ويندي، جنهن ۾ ملڪي سطح جي سياستدانن کي دعوت ڏني ويندي. اسان پيپلز پارٽي کي بي ايمان ۽ سنڌ دشمن پارٽي سمجهون ٿا، ان سان محاذ آرائي سنڌ جي مفاد ۾ آهي. 15 سالن ۾ پيپلز پارٽيءَ جيڪي سنڌ سان دشمني ڪئي آھي اھڙي سنڌ دشمن زرداري مافيا جون پاڙون پٽڻ ضروري آھن.
