ٽنڊو آدم ۾ الخدمت فائونڊيشن پاران پرائمري اسڪول جي مستحق شاگردن ۾ گرم ڪپڙا ورهايا ويا

ٽنڊوآدم ( ن س ) گورنمنٽ محمد صالح ڪوري پرائمري اسڪول ٽنڊوآدم ۾ الخدمت فائونڊيشن ٽنڊوآدم سانگھڙ جي طرفان غريب ۽ مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سياري جي ٿڌ کان بچڻ جي لاء 50 کان وڌيڪ شاگردن ۾ گرم جيڪٽون ورھايون ويون تقريب ۾ الخدمت فائونڊيشن جا اڳواڻ عبدالستار انصاري . مظفر حسين بھلم . جھانگير اقبال راجپوت . مشرف ڪريم  ۽ اسڪول جو هيڊ ماستر منظور احمد ٻگھيو ۽ استاد موجود ھئا ان موقعي تي جماعت اسلامي ٽنڊوآدم جي امير عبدالستار انصاري چيو ته الخدمت فائونڊيشن جماعت اسلامي جي ذيلي تنظيم آھي جيڪا سڄي ملڪ ۾ غريب مسڪين ماڻھن جي خدمت ڪري رھي آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں