پرويز الاهي اسيمبلي نٿو ٽوڙي ته ان سان ڳالهائينداسين:علي زيدي

ملير(ڊ.ر) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر اڳوڻي وفاقي وزير علي زيدي ملير پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پرويز الاهي اسان جو اتحادي آهي،پرويز الاهي پنهنجو موقف ڏنو آهي جنهن سان ڪنهن کي اتفاق ٿئي يا نه ٿئي پاڪستان تحريڪ انصاف جو موقف چيئرمين عمران خان ڏئي چڪو آهي، پرويز الاهي پاڻ چيو هو ته عمران خان جڏهن چوندو اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيندس اهو هن لکي ڏنو آهي اگر هاڻ اسيمبلي نه ٿو ٽوڙي ته ان وقت وڌيڪ ڳالهائينداسين، علي زيدي وقت وڌيڪ چيو ته عمران خان وزير اعظم هوندي ڪيترائي ڀيرا جرنل باجواهه صاحب جي تعريف ڪئي هئي آخر ۾ جيڪي غلطيون ٿيون عمران خان ان جي نشاندهي ڪري رهيو آهي، هارس ٽريڊنگ ذريعي تحريڪ عدم اعتماد ته آندي پر هاڻي اليڪشن ڪرائن، گذريل 8 مهينن ۾ ملڪ ۾ مسئلا وڌي ويا آهن نه گئس آهي نه بجلي حڪومت جو ڪو ڪنٽرول نه رهيو آهي، ملڪ ۾ تماشو لڳو پيو آهي، ان جا ذميدار موجوده حڪمران آهن، ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام آهي ته معاشي استحڪام ڪيئن ايندو معاشي عدم استحڪام سڌو سنئون قومي سلامتي تي اثر ڪندو، علي زيدي چيو ته نواز شريف ملڪ مان ڀڃي لنڊن وڃي ويهي رهيو آهي، نواز شريف جي به شهباز شريف سان اڻبڻت آهي ن ليگ ڌڙا بندي جو شڪار آهي، زرداري سان ڪو به زاتي جهيڙو ناهي، پي ٽي آءِ پنهنجي غلطي تسليم ڪري ٿي ته سنڌ ۾ گهڻو وقت ڏيڻو هو پيپلز پارٽي 15 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي پر سنڌ جي ڪابه ترقي نه ٿئي آهي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اها ڳالهه بلڪل ٺيڪ آهي ته عمران خان اسٽيل مل کي بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو جڏهن اسان حڪومت ۾ آياسين ته مسئلا گهڻا هئا اسٽيل مل تي اڍائي سو ارب کان وڌيڪ قرض هو مشرف دور ۾ به اسٽيل مل هلي رهي هئي بعد ۾ اسٽيل مل ۾ ايتري ڪرپشن ٿي جو ادارو تباهه ٿي ويو، اسان وٽ اسٽيل مل جي نجڪاري جو پلان هو سيڙپڪار اسٽيل مل جي زمين ۾ دلچسپي رکن پيا پر ايئن نه ٿئي سگهيو، علي زيدي چيو ته ملير مان عمران خان کي سنڌ پوليس جي مدد سان ڌاندلي ڪري هارايو ويو، علي زيدي چيو ته اسان جي دور ۾ بلاول ڀٽو مهنگائي مارچ شروع ڪيو مهنگائي مارچ اسلام آباد پهتو اسان ان کي نه روڪيوسين انهن جو مطالبو هو ته نيون چونڊون ڪرايو وڃن، علي زيدي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري گذريل 8 مهينن دوران رڳو ٻاهرين ملڪن جا دورا ڪيا پر سنڌ جو هڪ به دورو نه ڪيو اڄڪلهه پي ڊي ايم جو گروپ اليڪشن جي خلاف ڳالهه ڪري رهيو آهي وقت کان پهريان چونڊون ڪرائڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي، دنيا ۾ وقت کان اڳ چونڊون ٿينديون رهنديون آهن، ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ آغا ارسلان خان، ايم پي اي ارسلان تاج، جمال ناصر، جانشير جوڻيجو، نثار شر، ڊاڪٽر مسرور سيال، حاجي حفيظ جوکيو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں