پنجاب جي وڏي وزير، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف عدم اعتماد جي رٿ داخل

لاهور ( بيورو رپورٽ) پنجاب جي گورنر وڏي وزير پرويز الاهي کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جي ايڊوائيس ڏئي ڇڏي آهي، پرويز الاهي وٽ ميمبرن جي اڪثريت آهي ته اعتماد جو ووٽ حاصل ڪري. ٻئي طرف مخالف ڌر پنجاب جي وڏي وزير، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ داخل ڪرائي ڇڏي آهي. پنجاب اسيمبلي جي اپوزيشن جماعتن مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي پرويز الاهي سميت اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي تحريڪ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جڏهن ته ن ليگ طرفان مرغوب، خليل طاهر سنڌو، عزيز طاهر سنڌو ۽ خواجا عمران نظير عدم اعتماد جي تحريڪ جمع ڪرائي، پ پ جو پارلياماني ليڊر حسن مرتضيٰ به ساڻن گڏ هو، جڏهن ته مخالف ڌر جي ميمبرن طرفان پنجاب اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ ٽنهي عهديدارن خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ تي 100 کان وڌيڪ اسيمبلي ميمبرن جون صحيحون موجود آهن. ٻئي طرف پنجاب جي گورنر رات جو ساڍي نائين وڳي پنجاب جي وڏي وزير کي اسيمبلي ٽوڙڻ کان اڳ اعتماد جو ووٽ وٺڻ جي ايڊوائيس موڪلي ڇڏي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں