پي ٽي آءِ جي لاءِ وري هڪ چيلينج

رياض ابڙو
لانگ مارچ، يا 24 مئي واري ڇهن ڏينهن واري الٽيميٽم واري ڳالھ، آمريڪي سائيفر، ڪنسپائريسي، مداخلت، ڌرڻا، ڪورٽون، باجوا جي وافاداري يا عمران خان جي نمڪ حرامي يا رياست سان نمڪ حلالي يا هاڻي ڪي ٻئي حربا يا نئين سِرِ اليڪشن يا عام چونڊون جڏهن سرڪاري ڌرين جي مطابق ته ٿيڻيون ئي دير سان آهن يا ملڪ جڏهن ڊفالٽ ٿيڻ جي قريب قريب آ يا اها ڳالھ به چوڻ سڻائي آ ته ملڪ ۾ بجيٽ ڊيفيسٽ جا مونجهارا ختم ئي ڪو نه ٿا ٿين يا ملڪ ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ جا خسارا ڏينهنون ڏينهن وڃن ٿا وڌندا ته اتي اليڪشن جو ٿيڻ مشڪل نظر ٿو اچي يا جتي فوجي اسٽبلشمينٽ حڪومت سان هرقدم تي گڏ نظر ٿي اچي اتي مخالفن جي دال نه ڳرندي، ان ڪري ته ساڳي حالت پي ڊي ايم سان به هئي جڏهن اهي اليڪشن اليڪشن ڪندا هيا، يا پي ٽي آءِ کي روز روز زور ڀريندا هيا ته عام چونڊون ڪراءِ يا اهو به مشهور ڪيائون ته هي عمران خان نااهل آ يا سليڪٽيڊ آ يا ڪي ٻئي نعرا، پر عمران خان واري سرڪار ايتري ته مظبوط هوندي هئي جو ڪڏهن به مخالفن سان مشاورت واري ڳالھ تي بيهندو ئي نه هيو يا پي ڊيم ايم وارن کي ”تريءَ تيل لائڻ نه ڏيندو هيو“ ڇو جو خان کي سپورٽ هئي، ان ڪري ان ساڳي طرز جي سياست ۾ هاڻي وري سياسي کچڻي به اها ئي آ ته هن سرڪار تي فوجي اسٽبلشمينٽ جا آشرواد آهن يا فوجي اسٽبلشمينٽ تي سرڪار جي آشرواد آهن (يا ڳالھ مڙئي ساڳي آ) ان ڪري في الحال ٻئي ڌريون هڪ ئي پيج تي آهن ته پوءِ مخالفن (پي ٽي آءِ) جا لانگ مارچ به شارٽ ٿيندا، آمريڪا واري سائيفر (خط) واري مداخلت ۾ به ڪو ساھ يا دم ناهي رهيو يا آمريڪي سازش واري ڳالھ ڪافور ٿي وئي، اها ڳالھ به مڃون ٿا ته اسٽبلشمينٽ شهبازسرڪار سان هر قدم تي گڏ آ، پوءِ ملڪ جو کڻي ڇا به ٿئي يا هتي سي پيڪ جي پروجيڪٽن جي ٿوري ڳالھ ٿوري ڪندا هلون ته هيءَ سرڪار جتي پروآمريڪن آهي اتي پروچائينا ۽ پرورشين به آهي، ان ڪري تازو سکر ـ ڪراچي موٽرـ وي جي پروجيڪٽ مان مراد اها به آهي ته چين بلوچستان جي اندران سي پيڪ واري ”روٽ“ کي غيرمحفوظ قرار ڏنو آ ۽ فرمائش ۾ لکي ڏنو اٿائين ته انهن کي اهڙو روٽ فراهم ڪيو وڃي جيڪو آبادين مان گذري ان ڪري ته جي چائينا جي ڀريل سامان جي ڪنٽينرن تي جي سڀاڻي ڪنهن ايجنسيءَ حملو ڪرايو ته ان جا پيرا بلوچستان جي اندر کڻڻ مشڪل ٿي پوندا ڇو ته اتي ته هيليڪاپٽر به نه ٿا بچن ته پوءِ ٻين ٽرڪين ۽ ڪنٽينرن جي ڪهڙي مجال آ، ان ڪري شهبازسرڪار جو اهو قدم به ان ڳالھ جي نجي نمانئدگي آ ته هي سرڪار به ٻه چاپري آ ۽ ٻه پکي هٿ ۾ کڻي ٿي هلي، هڪ جاءِ تي آمريڪي مفاد ۽ ٻي جاءِ تي چيني ۽ روسي پاليسيون.
وري ٻي ڳالھ عمران خان جي سياسي ڦوڪن ۾ اهو هيو ته هو اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي ايتري ته خون ريزي ڪرائيندو يا ڌرڻو هڻي ويهندو جيستائين هي سرڪار اليڪشن جي ها نه ڪندي تيستائين هي ڌرڻي مان نه اٿندو پر هن صاحب ڏٺو ته هن جي اها دال به نه ڳرندي ان ڪري ته هن جي ڌمڪي واري نهلي جي پٺيان وري رانا ثناءُالله دهلو ڦٽي ڪيو اهو چئي ته ڊي چوڪ تائين ڪير به نه ايندو يا اها ڳالھ به هئي ته خان صاحب جي پنهنجي پنجاب سرڪار هوندي به وزيرآباد واري واقعي جي مهل سان ڪا ايف آءِ آر نه ڪٽجي سگهي ۽ معاملو رفع دفع ٿي ويو ۽ ڳالھ انهن لانگ مارچن، ڪوڙن خطن يا ڪنسپائيريسي واري وري به ڪوڙي ثابت ٿي ان ڪري ملڪ جي ايڏي وڏي پارٽي جي لاءِ جيڪڏهن ايف آءِ آر نه ڪٽجي ته سوال وري به لاجواب ٿي ٿا وڃن ته ڦوندي ۾ ڦير آ يا ته پارٽي ۾ دم ناهي يا اها گولي يا حملي وارو ڊارمو رڳو هن جي ان ڪورٽن واري اثر کي جھڪو ڪرڻو هيو ته متان توشاخانا ڪيسن جي پٺيان وري فارين فنڊنگ ۽ ٻين ڪيسن جي لائين لڳي وڃي، ان ڪري ڪيسن ۽ شنواين کي ٿورو جهڪو ڪجي يا اهو ڏسجي ته پچ سازگار آهي جو اڇلايل بال ڪنهن رانديگر کي آئوٽ ڪري سگهي يا ڪو فائول نه ٿي وڃي ۽ خان جي فلم سرڪار جي ڳچيءَ ۾ نه پئجي وڃي، ان ڪري ته پارٽي جو پروفائيل ڀلي هاءِ فاءِ نه هجي پر بدامني يا گهرو ويڙھ ان صورت ۾ به وڌي سگهي هان جو خان کي جي ڪجھ ٿي پئي هان، ان ڪري سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي ان ڪري سياست وري به ان ساڳي مفاهت يا سمجھ سان ڪرڻ جو ئي نالو آهي ان ڪري ته ڪرسي بچائڻ سياستدانن جي لاءِ اولين فرض آ ته هو ڪرسي بچائي هلن ۽ پنهنجي مٿان ڪوڙا سچا ڪيس به اڪلائي صفا اهڙي سفائي سٿرائي ڪري وڃن جو واهوا ٿي وڃي.
اسميبلي نه ٽٽنديون يا جي ٽٽنديون ته اتي وري ساڳي گيم شروع ٿي ويندي جنهن جي لاءِ پاڻ قاف ليگ وارا به تيار ويٺا آهن ته اهي اتحاد ٽوڙيندا يا ايندڙ چونڊن سان مشروط ڪندا يا متان سڀاڻي قاف ليگ وارن کي اهي ٿوريون ٿَڪيون سيٽون به نصيب نه ٿين ۽ ان نور کان به هليا وڃن، ان ڪري هاڻي واري تناظر ۾ نون ليگ يا پي پي يا انهن سڀني 13پارٽين سان جيڪي به دشمينون يا دوستيون پاڙجن ٿيون اهي رڳو عمران دشمني جو نتيجو آهن جيڪڏهن اهي سڀ پي ٽي آءِ جا دوست هجن هان ته صورتحال ڪا ٻي هجي هان پر اهي سڀ 13پارٽيون رڳو عمران دشمني هيٺ هڪ جهنڊو جهليون بيٺيون آهن پر پنجاب جي سيٽن يا جيستائين لاهوري تخت واري ڳالھ آ ته اسميبليون ٽوڙڻ مان به ڪو فائدو ناهي ان ڪري جو خان جون چالون ڍريون ۽ ڪنهن به فائدي واريون ناهن يا پهرين ته اهو تاثر هيو ته خان پنج سال ڪڍي ويندو ۽ ٻئي عرصي جي ڪرسي يا سرڪار به هن جي کٻي هٿ جو کيل آ ان ڪري پي ڊي ايم ڏينهن رات هڪ ڪري سياست ڪئي ۽ انهن جي پِير پڄائي ۽ خان جي ڪرسي وئي پر عام چونڊون وري به نه ٿيون ان ڪري جو هاڻي 1988 يا 1990 يا 1993 ناهي جو اڍائي سال مس ٿيندا هيا ته ڪرسي تان اچي ڦهڪو ڪندا هيا پر هاڻي جي ڪرسي وئي ته ٻيهر اهي ئي ڳوٽون ڦرنديون يا سياسي چالون هلنديون ان ڪري جي قاف ليگ پي ٽي آءِ جي اتحادي نه رهي ته فوجي اسٽبلشمينٽ کڻي مداخلت نه به ڪري پر اهي ڳوٽون وري به 13 پارٽين جي حصي ۾ اينديون ۽ پنجاب جي سرڪار وري انهن 13 پارٽين جو نصيب هوندو ۽ چونڊون نه ٿينديون.
پي ٽي آءِ وارن پنهنجي پارٽي جي اندر ئي مشاورتن جي باھ ٻاري ڏني آ، ان ڪري ته اهي پاڻ ۾ اندر به هڪ ناهن يا هاڻي شاھ محمود قريشي وري پاسي تي ويهي ان سڄي گيم کي پيو ٿو ڏسي ته بال ٽيمپرنگ ڪٿي ٿي ٿئي يا گگلي پارٽي جي اندر ڪير ٿو وهائي ڪڍي، خان ان ڪري اسميبلي ٽوڙڻ واري معاملي تي پارٽي ۾ اندر ئي اندر وڏا ڏار آهن اها ساڳي ڳالھ ٿي بيهي جڏهن سيپٽمبر 2020 ۾ نون ليگ پي پي جي مٿان لت رکي ويٺي هئي ته سنڌ اسميبلي ٽوڙيو ته جيئن عمران جي حڪومت ختم ڪرايون، ان ڪري ته هڪ ٻه سيٽن تي ننڍيون چونڊن ڪرائڻ اسان هوندو آ پر وڏي پيماني تي اهي چونڊون ڪرائڻ مشڪل ان ڪري اها ساڳي مشڪلات ذهن ۾ رکي نون ليگ ان ڳالھ تي ڳت رکي بيٺي هئي ته سنڌ اسيمبلي ٽوڙيو پر ان ڳالھ تي زرداري ليگ به ضد ڪيون بيٺي هئي ته استعفائون پيش ڪيو، ان ڪري قومي اسمبليءَ ۾ نون ليگ جو وڏو اسٽيڪ هيو ۽ پنجاب اندر به استعفائون ڪم ڏيکارن هان يا پي پي به ان ڳالھ تي هڪ ٽنگ تي نچندي هئي ته لانگ مارچ ڪيو (پر 28 فروري 2022) تي پي پي لانگ مارڇ ڪري به ڏيکاريو ۽ فوجي اسٽبلشمينٽ جي اشاري ته ختم ڪري گول مول ٿي ويا) پر لانگ مارچ ۽ استعفائن واري ڳالھ تي نون ليگ راضي نه هئي يا انهن سڀني راضپن ۽ رسامن تي مولانا صاحب وچٿرو هيو پر پوءِ وري پي ڊي ايم جي سياسي راند مچي وئي ۽ کٽي ويا.
هاڻي ڳالھ اها آهي ته جڏهن اهي سڀ مختلف پارٽيون پاڻ ۾ نه پيون ٺهن پر پي ٽي آءِ جي لاءِ اها ڳالھ به واضع آ ته پارٽي اندر ئي ايترو ڏڦوڙ آ جو ڪير ڪنهن جي نه ٿو ٻڌي يا ڪير ڪنهن سان به ٿو ٺهي ان ڪري ان سڄي سُٽَ کي هاڻي ڪير سلجهائي يا انهن جي وچ ۾ ڪهڙو مولانا يا آمريڪي ايلچي اچي انهن کي ٺاهي ۽ ڳالھ سمجهائين ته سياست اها ناهي جيڪا توهان ڪيو ٿا ڇو ته سياست ڪا گگلي ناهي، سياست ڪا بال ٽيمپرنگ ناهي يا سياست ڪو سٽي بازي ناهي جو ون ڊي ميچ سمجهي ڪير کٽي يا هارائي ۽ اها سڀ اهو سمجهن ته صبح واري ميچ شام جو وري ڦري يا مٽجي سگهي ٿي ان ڪري اهي راڳ ائين پيا هلندا ۽ سياست به ائين عام ماڻهن کي چريو ڪري پيا هلائيندا ان ڪري انهن سياستدانن جو سياسي ڪيس هاڻي ماڻهو روڊن، رستن، آفيسن ۽ ڊرائنگ رومن ٿا وڙهن ۽ ٿيندو ڪجھ به نه پر اليڪشن به متان پنهنجي مقرر ٽائيم تي نه ٿئي، ان ڪري خان صبر ڪري ۽ واري جو انتظار ڪري.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں