ڪراچي (بيورو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هلندڙ مهيني ڊسمبر 2022ع ۾ 1320 ميگاواٽ ڪوئلي سان هلندڙ بجلي نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪئي وئي آهي ۽ ايندڙ سال وڌيڪ 660 ميگاواٽ بجلي شامل ڪئي ويندي، ملڪ جي توانائي بحران جو حل ٿر جي ڪوئلي ۾ آهي. هن اها ڳالهه سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿر ڪول انرجي بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ وزير تعليم سيد سردار شاهه، وزير توانائي امتياز شيخ، قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، ڊي جي ڪول اٿارٽي خادم چنا ۽ ٻين شرڪت ڪئي جڏهن ته بي آءِ ايس پي جي صوبائي وزير شازيه مري، وزيراعظم جو خاص مددگار طارق باجوا، وفاقي سيڪريٽري توانائي راشد لنگڙيال، وفاقي سيڪريٽري قانون راجا نعيم اڪبر ۽ ٻين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته سائنو سنڌ ريسورسز (SSR) بلاڪ 1 ۾ جنوري 2022ع ۾ ڪوئلي جي کوٽائي شروع ڪئي هئي جنهن ۾ 31 ڊسمبر 2022ع تائين 7.8 ايم ٽي پي اي جي 99 سيڪڙو ڪوئلي جي مائننگ ٿيڻ سوڌو 100 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آهي ۽ هي سي پيڪ منصوبو آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته پاور انجنيئرنگ ڪمپني 2 ارب ڊالرن جي لاڳت سان 660 ميگاواٽ جا ٻه ڪوئلي جا پاور پلانٽ لڳايا آهن. ٻئي پاور پلانٽس ڪاميابيءَ سان نيشنل گرڊ سان هڪڙو 2 ڊسمبر ۽ ٻيو 11 ڊسمبر 2022 تي سلهاڙيا ويا. امتياز شيخ وڏي وزير کي ٻڌايو ته SECM ڪول مائن کي 7.6 ايم ٽي پي اي مان وڌائي 12.2 ايم ٽي پي اي ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي آهي. هن چيو ته لڪي اليڪٽرڪ پاور 660 ميگاواٽ جي پاور پلانٽ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي جيڪو 3.6 ايم ٽي پي اي ڪوئلي جي فراهمي ڪندو. پلانٽ 2024ع ۾ ڪمرشل آپريشن شروع ڪندو. واضح رهي ته ٿر انرجي اڳواٽ ئي آڪٽوبر 2022ع ۾ ڪوئلي سان هلندڙ 330 ميگاواٽ پاور پلانٽ کي نيشنل گرڊ سان ڳنڍي چڪو آهي ۽ ٻيو 330 ميگاواٽ 2023ع تائين ڪمرشل آپريشن شروع ڪندو.
