ڪراچي ۾ قديمي ڳوٺن کي ڊاهڻ جي مذمت ڪيون ٿا:ثمر جتوئي

ماتلي(ن س) سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمدنواز انقلابي ماتلي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ دفعو ٻيهر ڪراچي ۾ سنڌين جي ڳوٺن تي ڪاه ٿي آهي سنڌ دشمن جيڪي نٿا چاهين سنڌ جا وارث سنڌي ڪراچي ۾ آباد ٿين, اهي مختلف طريقن سان سنڌين کي ڪراچي ۾ ڪڍڻ لاء ڪوششون ڪيون پيو وڃن اهڙين سازشين کي ٻڌائڻ گهرون ٿا ته ڪراچي سنڌ جي دل آهي ڪراچي جا وارث سنڌي آهن جنهن کي سنڌي نٿا وڻن اهي پنهنجي علائقن ۾ هليا وڃن, ڪراچي ۾ سنڌين جي وسندين تي ٿيندڙ ڪاه ۾ سنڌ گورنمنٽ ملوث آهي سنڌ حڪومت عوام دشمن حڪومت ثابت ٿي آهي ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين کي سياسي طور متحرڪ ٿيڻو پوندو تڏهن ئي سنڌين جون وسنديون بچائي سگهون ٿا سنڌين وسندين سان ٿيندڙ هٿ چوراند بند ڪئي وڃي سنڌي وسندين جي ڀرپور مالڪي ڪنداسين اڳواڻ چيو ته هن وقت سنڌ جا ماڻهو برسات متاثر آهن کليل آسمان هيٺ آهن انهن جي بحالئ ناهي ٿي حڪمرانن رڳو اعلان ڪيا عمل ناهي ڪيو ويو اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ اندر هن وقت ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري سنڌ جي هارين کي معاشي نقصان پهچايو پيو وڃي زراعت تباه ڪئي پيو وڃي سنڌ جي پورهيتن سان زيادتون برداشت نه ڪنداسين سنڌ هاري ڪاميٽي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن عروج تي آهي ننڍي کان ننڍي سرڪاري عملدار کان وڏو ۾ وڏو سرڪاري عملدار ڪرپشن ۾ ملوث آهن سنڌ حڪومت ۾ ويٺل سيليڪٽيڊ نمائندن به ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن…

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں