ڪنڌڪوٽ ۾ اسلامڪ لائيرز فورم جو بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪنڌڪوٽ(ڊر) ڪنڌڪوٽ ۾ اسلامڪ لائيرز فورم جي وڪيل اڳواڻن پاران بدامني خلاف سيشن ڪورٽ ٻاهريان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.اڳواڻن عبدالفتاح پٺاڻ،عبدالصمد بجاراڻي،طالب سبزوئي،ڪليم الله خلجي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ضلعي اندر بدامني جي باه ڀڙڪي اٿي آهي هر روز ڦرون ڌاڙا چوريون معمول بڻيل آهن هر قتل جون وارداتون ٿي رهيون آهن معصوم ٻار به اغوا ٿيڻ هاڻ معمول بڻجي چڪو آهي بدامني تي پوليس ڪنٽرول نه ڪري سگهي آهي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ضلعي اندر امن و امان جي صورتحال بهتر ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں