ڪوٽڙي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ايس ٽي پي جو احتجاج

ڪوٽڙي(ن س)ايس ٽي پي تعلقي صدر امجد مستوئي، بادل نوحاڻي علي نوازي رند عباس قمبراڻي غلام مصطفي شاهاڻي سڪندر بليدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لڳل ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو تہ ڄامشورو خصوصن ڪوٽڙي جو امن امان مڪمل طور تي تباھ ٿي ويو آهي پوليس اهلڪار بہ محفوظ ناهن سياسي پرچي تي آيل ايس ايڇ او امن امان بحال ڪرڻ بجاء منشيات فروشن جي سهولتڪاري ۾ پورو آهي هنن چيو تہ مهيني دوران پوليس اهلڪار هڪ عورت سميت چار قتل ٿيا پر پوليس ڪابہ گرفتاري ڪرڻ لاء تيار ناهي، جڏهن تہ موٽرسائيڪل، موبائل فون، سولر پليٽن سميت چوريون ۽ ڦرون قتل عام پيا ٿين پر ڄامشورو پوليس جي ڪن تي جونء بہ نٿي چري عوام کي بي يارو مدد گار بڻايو ويو آهي جنهن تي خاموش نہ ويھنداسين هنن چيو تہ اسان اڳ بہ احتجاج ڪندا رهيا آهيون جنهن ڏينهن پوليس اهلڪار قتل ٿيو ان ڏينهن چار کان پنج وارداتون ٿيون ان ڪري هي عوام جي جان ۽ مال جو معاملو آهي ضرورت پوڻ تي شتربند هڙتال جو پڻ سڏ ڏئي سگهون ٿا هڻن اعلي اختيارين آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو آهي تہ فوري طور مطالبن تي عمل ڪيو وڃي ۽ منشيات ۾ ملوث ايس ايڇ او سائيٽ کي هٽايو وڃي ٻي صورت ۾ تحريڪ هلائيندا سين

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں