آمريڪا انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڪردار ادا ڪري:قادر مگسي

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر)  آمريڪا جي ٽيڪساس هائوس آف اسٽيٽ هوسٽن جي نمائندي جيسي جيٽن جي حيدرآباد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چئيرمين ڊاڪٽر قادرمگسي سان مگسي هائوس تي ملاقات ملاقات ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌ، ملڪي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي عالمي جمهوريت پسند قوتن کي پاڪستان ۾ حقيقي جمهوريت جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيوته آمريڪا کي سنڌ سميت پاڪستان اندر ٿيندڙ بنيادي  انساني حقن جي ٿيندڙ ڀڃڪڙين تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.ڊاڪٽر قادر مگسي چيوته سنڌ صدين جي تهذيب تمدن ۽ تاريخ رکندڙ ڌرتي آهي جيڪا خود ماضي ۾ آزاد ملڪ طور رهي آهي. پاڪستان ۾ 1940 جي قراداد تحت شمولیت ڪئي.ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته پاڪستان گهڻ قومي ملڪ آهي ان ۾ شامل سمورين ايڪائين کي برابري جي بنياد تي حق ملڻ گهرجن ڊاڪٽر قادر مگسي چيوته سنڌ ۾ يو ايس ايڊ جي پليٽ فارم تي ٿيندڙ عوامي ڀلائي جي ڪمن جي ساراه ڪجي ٿي.ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ ۾ تازو آيل برساتن سبب وڏي تباهي آئي آهي. برسات متاثرين بي يارو مددگار آهن. نه سندن ڪا رليف ۾ مدد ڪئي وئي نه وري بحالي لاءِ ڪجهه ڪيو پيو وڃي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ ۾ بک بيروزگاري ۽ غربت سبب عوام جي حالت انتهائي خراب آهي. پ پ پ گذريل پندرنهن سالن کان مسلسل حڪمراني ڪندي پئي اچي. پر سندس دور ۾ رڪاڊ ڪرپشن ٿي آهي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته عالمي ملڪن پاران جيڪا به ٻوڏ متاثرين جي امداد ڪئي ٿي وڃي ان جي صحيح ورهاست لاءِ ان آڊٽ ٿيڻ گهرجي ملاقات ۾ آمريڪي نمائيندي جيسي جيٽن سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران پيش ڪيل سنڌ جي ڪيس تي هر جائز ۽ اخلاقي مدد ۽ سهڪار جو يقين ڏياريوايس ٽي پي سربراه پاران آمريڪي نمائيندي کي سنڌ جي سوکڙي سنڌي ٽوپي ۽ لونگي پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي مسز جيسي جيٽن،  محمود ڏاھري  ذوالفقار هاليپوٽو، حيدر شاھاڻي ، ڊاڪٽر سومار مڱريو ، قادر چنا ، امتياز سمون، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ ، ڊاڪٽر احمد نوناري سرواڻ مگسي، اعجاز سنڌي ۽ ٻيا موجود هئا

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں