حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان آمريڪا جي ٽيڪساس هائوس آف اسٽيٽ هيوسٽن جي نمائيندي جيسي جيٽن جي اڳواڻي ۾ وفد حيدرآباد ۾ سندس رھائشگاھ بي 48 پرنس ٽائون پھچي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سنڌ، ملڪ ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي چيو تہ آمريڪا ۽ يورپ جي ترقي ۾ عورتن جو اھم ڪردار آهي، پاڪستان ۾ سموريون حڪومتون عورتن کي حق ڏيڻ ۾ ناڪام رھيون آهن۔ جناح جي پاڪستان ۾ عورتن ۽ اقليتن جي حقن جي حفاظت ڪرڻ لازمي آهي، عورتن کي صرف احترام ئي نہ پر ان سان گڏ تعليم ، صحت ۽ روزگار جو پڻ حق ڏنو وڃي۔ پاڪستان ۽ سنڌ ۾ عورتون سخت ظلمن کي منهن ڏئي رهيون آهن، سنڌ ۾ ڏينهون ڏينهن عورتن جي حوالي سان حالت بدتر ٿيندي پئي وڃي. دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ عورت پنهنجي منزل ماڻڻ ۾ ڪامياب وئي آهي. عالمي جمهوريت پسند قوتون پاڪستان ۾ حقيقي جمهوريت جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. آمريڪا کي سنڌ سميت پاڪستان ۾ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سنڌ قديمي تهذيب، تمدن ۽ رواداري جي تاريخ رکندڙ ڌرتي آهي. پاڪستان دھشتگردي خلاف عالمي جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آھن. انھن قربانين کي قدر جي نگاھ سان ڏٺو وڃي. پاڪستان جي خودمختياري جو قدر ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان گهڻ قومي ملڪ آهي، ان ۾ شامل سمورين ايڪائين کي برابري جي بنياد تي حق ملڻ گهرجن. ملڪ ۾ بار بار حڪومتن ۾ ايندڙ ڊڪٽيٽر ۽ ڪرپٽ حڪمرانن عوام کي بدحال ۽ وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي آھي. اسان وٽ قدرتي نعمتن باوجود ڪروڙين ماڻھو بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جو شڪار آھن. پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ ۾ صحت، تعليم سميت سموري انفراسٽرڪچر کي تباھ ڪيو آھي. ھر کاتي ۾ ڪرپشن آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ يو ايس ايڊ جي پليٽ فارم تي ٿيندڙ عوامي ڀلائي جي ڪمن جي ساراھ ڪيون ٿا، سنڌ ۾ ھٿرادو ٻوڏ سبب وڏي تباهي آئي پر متاثرين بي يارو مددگار آهن. رليف جي نالي ۾ وڏي لٽ مار ڪئي وئي آھي. بحالي لاءِ ڪجهه بہ ناھي ڪيو ويو. سنڌ ۾ بک بيروزگاري ۽ غربت سبب عوام جي حالت انتهائي خراب آهي. عالمي ادارن پاران ٿيندڙ ٻوڏ متاثرين جي امداد ڪئي ٿي وڃي ان جي صحيح ورهاست لاءِ آڊٽ ڪئي وڃي. آمريڪي نمائيندي جيسي جيٽن قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي پيش ڪيل سنڌ جي ڪيس جي ساراھ ڪئي ۽ اخلاقي مدد ۽ سهڪار جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي آمريڪي نمائيندي کي سنڌ جي سوکڙي لونگي ۽ اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو. ان موقعي تي سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون، نصرت خاصخيلي، صبا سمون، ساحر پليجو، سرباز پليجو، الطاف خاصخيلي پڻ آمريڪي نمائندي جيسي جيٽن، سندس زال فيني ۽ محمود ڏاھري کي اجرڪ اوڍائي. ملاقات دوران مسز جيسي جيٽن فيني، محمود ڏاھري، مزمل آخوند، ڊاڪٽر گلزار جماڻي، ڊاڪٽر مجدد قريشي، الطاف خاصخيلي، سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون، نصرت خاصخيلي ۽ ٻيا موجود هئا.
