ايم سڪس موٽر وي ڪرپشن ڪيس ۾ اينٽي ڪرپشن هٿان گرفتار 6 جوابدار عدالت ۾ پيش، جيل حوالي

نوشهروفيروز ( ڊ ر) ايم سڪس ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيل جوابدارن مختيارڪارشفيق سومرو، سوشل ويلفيئر آفيسر سجاد ميمڻ، اڳوڻي ڊي سي جو پي اي عزيز انصاري، اڪائونٽنٽ رستم کوسو، تپيدار غلام حقاني ۽ اسٽامپ وينڊر آفتاب سومرو کي نوشهروفيروز جي اينٽي ڪرپشن جي خاص عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي اينٽي ڪرپشن کاتي جي جاچ آفيسر پاران عدالت کي وڌيڪ رمانڊ ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي. عدالت جاچ آفيسر جي درخواست رد ڪندي جوابدارن جو رمانڊ ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو ۽ عدالت 6 ئي جوابدارن کي ڊسٽرڪٽ جيل نوشهروفيروز موڪلي ڇڏيو آھي. ٻئي پاسي موٽروي ايم سڪس ميگا ڪرپشن اسڪينڊل جي جاچ ڪندڙ اينٽي ڪرپشن، نيب ۽ ايف آئي اي مک جوابدارن کي گرفتار ناھي سگھي. مک جوابدار ۾ اڳوڻو ڊي سي نوشهروفيروز تاشفين عالم گهر واري سميت ڊامائي انداز سان ملڪ مان فرار ٿي ويو آهي. باقي مک جوابدارن ۾ بچيل اين ايڇ اي جي ٺيڪيدار رحمت الله سولنگي، اصغر جتوئي خالد چنه، تپيدار ٺارو پهوڙ ۽ اڳوڻو مختيارڪار ڀرياسٽي نياز اڄڻ به روپوش بڻيل آھن. جن جي باري ۾ ذريعن جو چوڻ آهي. ته مٿيان مک جوابدار نوشهروفيروز ضلعي جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن جي علائقي ۾ گهمندي ڏٺا ويا آهن جنهن سلسلي ۾ ڪروڙن جي ڪرپشن ڪندڙن جي ويجهن ساٿين جو اهو چوڻ آهي ته کين گرفتار نه ڪرڻ جي لاءِ اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر زمان اعواڻ 50 لک رپين جي لڳ ڀڳ رقم وصول ڪئي آهي ڇو ته اينٽي ڪرپشن نوشهروفيروز جو سرڪل آفيسر پڻ نوشهروفيروز ضلعي جي هالاڻي شهر جو رهواسي آهي. جنهن کي مٿين جوابدارن جي ضلعي ۾ هجڻ جي سڄي خبر آهي .پر هو ڪيس جي مک جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ باقي ادارن نيب ۽ ايف آءِ اي جي ڪاروائي کان به جوابدارن کي آگاهه ڪندو رهي ٿو جنهن ڪري ڪيس جا مک جوابدار گرفتاري واري عمل کان بچيل آهن

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں