بجلي بچت پروگرام، سڄي ملڪ ۾ بازارون رات 8 وڳي ۽ شادي هال 10 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد  ( بيورو ) حڪومت توانائي بچت قومي پروگرام جو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن تحت شادي هالز رات 10 مارڪيٽون رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وفاقي ڪابينا اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي بچاءُ واري وزير خواجا آصف، قمر الزمان ڪائره ۽ مريم اورنگزيب چيو ته بچت پاليسي ڏني پئي وڃي، ڪفايت شعاري جي حوالي سان ڪاميٽي ۾ سيڪريٽري پاور، بچاءُ واري وزير سيمت ٻيا وزير شامل آهن. هن چيوته شادي هالز رات ڏهه وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته مارڪيٽون ۽ ريسٽورينٽ رات اٺ وڳي بند ڪيا ويندا، سڄي دنيا ۾ مارڪيٽون شامل ڇهه وڳي تائين بند ٿينديون آهن پر اسان وٽ رات ٻه وڳي تائين کُليل هونديون آهن. خواجا آصف چيوته ويهه سيڪڙو سرڪاري ملازم گهران  ڪم ڪندا، مختلف ذريعن سان توانائي جي بچت ڪري معيشت کي اربين رُپين جو فائدو ٿيندو. فيصلي سان اٺ کان نوَ هزار ميگاواٽ بجلي جي بچت ٿيندي ۽ 62 ارب رُپيا بچائي سگهبا. هن چيوته ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ توانائي بچت جي حوالي سان صوبن کان تجويزون گهريون آهن، توانائي بچت جو هي قومي پروگرام آهي. بچاءَ واري وزير چيو ته اسان اي بائيڪس متعارف ڪرائي رهيا آهيون جنهن لاءِ اليڪٽرڪ بائيڪس جي درآمد شروع ٿي چڪي آهي، انکانسواءِ پراڻا پکا 120 کان 130 واٽ بجلي استعمال ڪندا آهن، نوان پکا اٽڪل 40 کان 60 ميگاواٽ بجلي استعمال ڪندا آهن، انهن پکن جي استعمال سان پندرنهن ارب رُپين جي بچت ٿيندي، ايل اي ڊي بلبن جي استعمال 23 ارب رُپين جي بچت ٿيندي، گهرن ۾ پکن ايئر ڪنڊيشنڊ جي استعمال ۾ بچت سان اٺ کان نوَ هزار ميگاواٽ بجلي بچائي سگهجي ٿي. خواجا آصف چيو ته ڪپيسٽي پي منٽس جي مد  ۾ ماهوار 28 بلين ارب رُپيا بچت ٿيندي، گئس فراهم ڪندڙ ڪمپنيون گيزر لاءِ بچت واريون ڊيوائس فراهم ڪنديون، ان سان ساليانو 92 ارب رُپين جي بچت ٿيندي، متبادل اسٽريٽ لائٽس هلائڻ سان چار ارب رُپين جي بچت ٿيندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں