حيدرآباد (پ ر)جئيي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو سان ٽيڪساس ھائوس آف اسٽيٽ ھوسٽن جو نمائئدو مسٽر جيسي جيٽن ۽ سندس گھرواري مس فيني محمود ڏاهري چيئرمين ھائوس اچي ملاقات ڪئي ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جي چيرمين رياض علي چانڊيو چيو ته جيسي جيٽان توھان آمريڪا بلخصوص ٽيڪساس رياست ۾ پنھجي عوام جي خدمت خصوصن صحت تعليم ۽ ماڻهن لاء بھتر قانونسازي ڪري رھيا آھيو توھان جي خدمتن کي اسان دل سان ساراھيون ٿا توھان ۽ توھان جي گھر واري ھڪ اھڙي سرزمين تي قدم رکيا آھن جنھن کي دنيا ۾ سنڌو سڀيتا طور سڃاتو وڃي ٿو ھڪ منفرد تاريخ رکندڙ سنڌ ۽ ان جا رھاڪو ڪڏھن به پنھجي سرحدن کان ٻاھر نڪري ڪنھن ملڪ ۽ قوم تي حملي آور ناھن ٿيا نه وري ڪڏھن انساني رت جا پياسا رھيا آھن اوھان کي وڌيڪ ٻڌائيندو ھلان ته توھان جنھن عظيم ڌرتي تي آيا آھيو ھي سرزمين ننڍي کنڊ ۾ ھڪ مھذب سيڪيولر انسان دوست ۽ روشن خيال سرزمين طور پنھجو خاص تعارف رکي ٿي 5 ھزار سال اڳي ” موھن جو دڙو ” ھڪ عاليشان تھذيب جو مرڪز ھو ھي شھر ھڪ شھر نه پر سول انجنيئرنگ فن تعميرات آرٽ موسيقي ۽ ڏاھپ جو اھڃاڻ رھيو آھي جنھن وقت موھن جو دڙو تھذيب جي عروج تي ھو ٺيڪ ان وقت سندس ٻه ھمعصر تھذيبون بابل ۽ سميريا اڃان ابتدائي شڪل ۾ پروان چڙھي رھيون ھيون انڊس سولائيزيشن انھنن کان گھڻي ايڊوانس ھئي اسان اھڙي قوم آھيون جيڪي رنگ نسل ۽ مذھب جي نالي تي ڪنھن سان نفرت ناھيون ڪندا سڄي انساني تاريخ اھڙين شاھدين سان ڀري پئي آھي انوکي ڳالھ ھي آھي ته اسان جا قبرستان به ھندو مسلم ايڪتا جو عملي روپ آھن ھتي اڄ به مسجد ۽ مندر ھڪڙي چئوديواري ۾ گڏ آھن ھتي قرآن جي تلاوت ۽ گيتا جو گيان گڏ به ٿين ٿا جنھن جو مثالي مرڪز اڏيري لال جي درٻار آھي ۽ ٻيو پير پٺي جي درگاھ آھي گڏيل ھندستان جي اندر ورھاڱي وقت وڏي رتوڇاڻ ٿي پر سنڌ مذھبي بنيادن تي برصغير جي ورھاڱي جي مخالف ھئي ھن پاسي رت جو درياھ پئي وھيو ھتي اکين ۾ لڙڪ ۽ آھون ھيون سو مان اوھان جي اچڻ تي دلي خوشي محسوس ڪري رھيو آھيان مسٽر ڏاھري صاحب انسانيت سان پيار ڪندڙ سنڌ ڌرتي جو پٽ آھي جنھن کي آمريڪا ۾ اسين پنھجو نمائيندو ٿا سمجھون ھي ڏاڍو نفيس ۽ وفادار انسان آھي آئون ان جو به نھايت شڪر گذار آھيان احترام لائق مسٽر جيسي آمريڪا ويجھي انساني تاريخ ۾ ھڪ عظيم جھموري رياست ٿي اڀريو آھي ھي سندس منفرد مقام آھي ته 250 سال اڳي 1776 ۾ اوھان ڪالونيل سسٽم کان ويڙھ ڪندي آزادي حاصل ڪئي سڄي دنيا ۾ اوھان انسان ذات کي حوصلو ڏنو مذھبي تنگ نظري کان پاڪ سيڪيولر رياست ۽ انساني حقن جي تحفظ ۽ احترام جو آئين ڏنو جنھن ۾ قابل ذڪر ڳالھ اھا آھي ته تحرير ۽ تقرير جي مڪمل آزادي آھي اھو آئين جنھن سڄي انسان ذات کي باوقار ٿي زنده رھڻ جو دڳ ڏنو 1789۾ آمريڪا لکت ۾ ھڪ آئين لاڳو ڪيو آمريڪي آئين جو نفاذ سندن آزادي ۽ فرينچ انقلاب انساني تاريخ جا معجزا آھن جن امپريلزم جي بنيادن کي اکيڙڻ جو آغاز ڪيو سنڌ جا ماڻھو آمريڪا کي قدر جي نگاھ سان ڏسن ٿا.
