دادو(رپورٽ:علي گوھر سومرو) دادو نيشنل بئنڪ پينشنرن لاءِ عذاب بڻجي وئي، اڪائونٽ ھولڊر برزگ مرد ۽ عورتون سخت پريشان نيشنل بئنڪ جي مئنيجر پينشنرن کي سھولتون ڏيڻ کان انڪار بائيوميٽرڪ ڪرايو نه ته پينشن جي پگھار بند ڪئي ويندي، ڪيترائي ضعيف، بيمار، بزرگ مرد ۽ عورتن لاءِ ھڪ ئي قطار قائم ڪرائي وئي، لائين ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيھي رھيا پينشنرن جون بائيو ميٽرڪ لاءِ سھولتن جي گھر ڪئي، مئنيجر جا پينشنرن کي دڙڪا پينشنرن بئنڪ مينجر کي ھٽائڻ جو مطالبو ڪيو، 78 سالا پينشنر لالا عبدالستار قريشي ميڊيا اڳيان دانھيو ته اسان جا ڪيترن ئي سالن کان ھتي اڪائونٽ آھن مان رٽائرڊ استاد ۽ بزرگ آھيان پر ھتي ڪابه سھولت ناھي، ھر ڀيري بائيو ميٽرڪ جو بھانو ڪري اسان بزرگن کي بئنڪ ۾ تذليل جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، ھنن خزاني جي وفاقي وزير،گورنر اسٽيٽ بئنڪ، ريجنل چيف آف نيشنل بئنڪ کان مطالبو ڪيو ته دادو نيشنل بئنڪ جي مئنيجر کي فوري ھٽايو وڃي ۽ ھتي فوتين جون پگھارون بغير بائيوميٽرڪ تي ھلن پيون، پر اسين عمر رسيده نيشنل بئنڪ جي غلط پاليسين سبب سخت پريشان آھيون خدارا پينشن اڪائونٽ ھولڊرن کي عزت ڏيو.
