روشن تارا اسڪولن جي استادن لاء مڃتا ايوارڊ تقريب!

علي محمد ميمڻ
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن جي گولڊن جوبلي سال ۾ روشن تارا اسڪولز نيٽ ورڪ طرفان استادن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان سالياني مڃتا ايوارڊ تقريب جيڪا سنڌ ۾ ٻوڏ سبب ملتوي ڪئي ويئي هئي. آخرڪار اها تقريب 19 ڊسمبر 2022ع جي صبح حيدرآباد ۾ ممتاز مرزا آڊيٽوريم نيشنل ميوزيم ۾ڌام ڌوم سان ڪوٺائي وئي. پڙهندڙن لاء هن تقريب جو اکين ڏٺو احوال پيش ڪجي ٿو. سنڌ جي ثقافتي مرڪز حيدرآباد جي نيشنل ميوزيم جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾سگا جي روشن تارا اسڪول نيٽ ورڪ طرفان پنهنجي روائيت موجب رنگ رنگا ثقافتي تقريب جي صورت ۾استادن لاء مڃتا ايوارڊز جو اهمتام ڪيو ويو. جنهن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان استادن جي ساراهه ۾ تقريرون ڪيون ۽ سندن خدمت ۾ ٽيبلوز، خاڪا ۽ ثقافتي شوز ، گيت ۽ نغما پيش ڪري سموري ماحول کي مهڪائي ڇڏيو. هن ايوارڊ تقريب جو خاص مهمان ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن نديم الرحمان ميمڻ هو ، تقريب جي صدارت علي حسين بروهي چيئر پرسن سگا ۽ اعزازي مهمانن ۾ولي محمد روشن سڪريٽري جنرل، اڳوڻو سينيٽر عاجز ڌامراهه، تعليمي ماهر شوڪت رند هئا. هن تقريب ۾ استادن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا ۽ سنڌ جي سمورن تعليمي بورڊز جي امتحانن ۾ پوزيشنون کڻندڙ ۽ ذهين شاگردن کي شيلڊز ۽ انعام پڻ ڏنا ويا.
خاص مهمان نديم الرحمان ميمڻ پنهنجي خطاب ۾ چوڻ هو ته سگا جي 50هين سالگرهه جي موقعي تي روشن تارا اسڪولن جي استادن کي جهڙي ريت مڃتا ڏني وئي آهي اهو تمام ساراهه وارو ڪم آهي هن جو چوڻ هو ته هن سموري تقريب کي شروع کان آخر تائين ويهي ڏسڻ سان تمام خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان جو هتي استادن سان گڏ شاگردن جي سنڌجي مختلف تعليمي بورڊز جي امتحانن ۾کنيل پوزيشنون ۽ ڪاميابيون يقينن سنڌ جي بهتر مستقبل جي اميد ۽ بهتري جي علامت آهن ۽ هتي شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان جيڪي مختلف ٽيبلوز ۽ پلي پيش ڪيا ويا آهن اهي تمام گهڻو متاثر ڪندڙ هئا جنهن مان روشن تارا اسڪولن جي نصابي ۽ غير نصابي بهتر سرگرمين ۽ ڪاميابين جي خبر پوي ٿي. ڪمشنر نديم الرحمان ميمڻ جو چوڻ هو ته، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سرڪاري اسڪولن ۽ تعليمي ادارن کي هلائقڻ ۾ حڪومت جو ئي بنيادي ڪردار آهي انهن تعليمي ادارن ۾ سنڌي پڙهائڻ ۽ سنڌي تعليم جا شعبا قائم ڪرڻ لازمي عمل آهي پر نجي شعبي جي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ ۾ ايندڙ مشڪلاتون ۽ انهن اسڪولن ۾ هڪ ٻيو تعليمي سرشتو يقينن ڳڻتي وارو معاملو ته بڻيل آهي پر ان سان گڏ اسان جا سنڌي جيڪي ڪراچي ۾ لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ آباد آهن ۽ حيدرآباد ۾ پڻ گڏيل آبادي موجود آهي انهن اهم شهرن ۾ سنڌي خاندان پڻ پنهنجي ٻارڙن کي سنڌي پڙهائڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ گهڻي دلچسپي نه ٿا وٺن. هن جو چوڻ هو ته جيستائين ڌرتي ۽ ٻولي جا ڌڻي پاڻ پنهنجي ثقافت، تعليم، صحت ۽ ماحوليات جي حفاظت پاڻمرادو نه ڪندا ۽ انهن شعبن جي پاڻ سنڀال ۽ مالڪي نه ڪندا تيستائين ڪاميابيون مثالي نه ٿيون ٿي سگهن ۽ اهي اڻ پوريون هونديون. ڪمشنر نديم الرحمان ميمڻ جو سنڌ جي تعليم جي صورتحال تي پنهنجي خطاب ۾ چوڻ هو ته، اسان جي قوم کي جيڪڏهن دنيا جي قومن سان برابري ڪرڻي آهي ته پنهنجي نسلن کي سائنسي تعليم، ميٿيميٽڪس، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ماحولياتي شعبن ۽ بين مهارتن جي تعليم وڌ ۾ وڌ حاصل ڪرڻ ۽ نئين نسل کي انهن مهارتن ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرائڻ لازمي ۽ ضروري آهي. تقريب ۾ خاص مهمان نديم الرحمان ميمڻ ڪمشنر حيدرآباد طرفان فن ۽ ٽيبلوز پيش ڪندڙ ٻارڙن لاء 20 هزار رپيا نقد انعام ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو. اعزازي مهمانن عاجز ڌامره تقريب کي پنهنجي خطاب ۾سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيشن جي 50 سالن جي خدمتن تي مبارڪون پيش ڪيون ۽ روشن تارا اسڪولن جي ڪاميابين کي شاندار قرار ڏنو . هن چيو ته سنڌ جي تعليم جي شعبي ۾ مثالي خدمتون انجام ڏنيون پيون وڃن. تعليمي ماهر شوڪت رند سگا ۽ روشن تارا اسڪول جي مثالي خدمتن ۽ ڪاميابين تي مبارڪون پيش ڪيون ۽ چيو ته سنڌ کي سگا ۽ روشن تارا اسڪولن مان وڏيون اميدون آهن.
چيئرپرسن سگا علي حسين بروهي جو پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چوڻ هو ته، سنڌ ۾تعليم عام ڪرڻ ۽ خاص طور تي شهرن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾معياري تعليم کي عام ڪرڻ سگا جي سماجي خدمتن جو سڀ کان وڌيڪ اهم بنيادي ڪم ۽ ذميواري آهي. سگا جا سموري سنڌ ۾ 23 روشن تارا اسڪول ۽ سنڌ سرڪار جي سهڪار سان گڏاپ ڪراچي ۾ پبلڪ اسڪول پرائمري، سيڪنڊري سطح کان وٺي ڪاليج سطح تائين تعليم ڏئي رهيا آهن. گڏاپ اسڪول ۾سنڌ جي مختلف شهرن ۽ علائقن جا 600 شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. هن ٻڌايو ته، سگا سنڌ سرڪار سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت ۽ سنڌ ٽيوٽا سان ووڪيشنل ٽريننگ جي شعبن گڏجي ڪم ڪرڻ جي رٿاتيار ڪئي آهي ۽ ان ڏس ۾ ٻنهي ادارن ۾ ووڪيشنل اسڪول قائم ڪيا پيا وڃن ۽ ان کان علاوه استادن جي مهارتن کي وڌائڻ لاء ٽيچر ٽريننگز جا سلسلا پڻ شروع ڪيا پيا وڃن. سيڪريٽري جنرل ولي محمد روشن جو چوڻ هو ته سگا طرفان 1979ع ۾ روشن تارا اسڪول قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پهريون اسڪول هالا ۾1980ع ۾ قائم ڪيو ويو. هن وقت سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ 23 روشن تارا اسڪول هلي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته سنڌ جي اڪثر اسڪولن ۾ سنڌي نه ٿي پڙهائي وڃي، سنڌ سرڪار ۽ اختياري وارن کي سنڌ جي اسڪولن ۾ سنڌي لازمي پڙهائڻ کي يقيني بڻايو وڃي. ولي محمد روشن جو چوڻ هو ته، سنڌ جي ٻهراڙين ۾ٻوڏ جي بهاني ۾ سوين اسڪول اڃا تائين بند پيا اهن ۽ انهن ۾ مال جا وٿاڻ ۽ گدام موجود آهن . انهي ڏوهه ۾ تر جا با اثر ماڻهو ملوث آهن، هن صوبائي سرڪار، ڊويزنن ۽ ضلعن جي عملدرارن تي زور ڏنو ته هو پنهنجن علائقن ۾ تعليم ۽ تعليمي ادارن سان ٿيندڙ ظلم جو خاتمو ڪرائين ۽ سمورا اسڪول کولائي هلايا وڃن. تقريب جي ميزبان پيرل خان کوسو سيڪريٽري تعليم سگا طرفان مهمانن جي آجيان ڪئي وئي تقريب کي سگا جي اڳوڻن چيئرمينن رفيق احمد جعفر،ي الطاف حسين ڳورڙ، سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگت تاج جويو، تاج محمد وساڻ ڊپٽي سيڪريٽري جنرل ۽ ٻين خطاب ڪيو.اڳوڻي سيڪريٽري جنرل سگا خالد حسين چنا طرفان مهمانن جا ٿورا مڃيا ويا ۽ ڪامياب استادن ۽ شاگردن کي مڃتا ايوارڊ ۽ شيلڊون حاصل ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون ، هن ايوارڊ تقريب ۾25 روشن تارا اسڪولن جي 28بهترين استادن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا، ڪامياب شاگردن کي ٽرافيون، سرٽيفيڪيٽ ۽ ٽيبلوز پيش ڪندڙن کي انعام ۽ سرٽيفيڪييٽ ڏنا ويا.
Email. alimemonlive@yahoo.com

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں