سمورا پروجيڪٽس وقت تي مڪمل ٿيڻ گهرجن، ته جيئن لاڳت ۾ اضافو نه ٿئي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (بيورو رپورٽ) صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ ۽ چيئرمين ٽرانس ڪراچي شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سمورا پروجيڪٽس وقت تي ممڪل ٿيڻ گهرجن، ته جيئن انھن جي لاڳت ۾ اضافو نه اچي، لاڳت ۾ اضافي جو بار حڪومت جي خزاني تي پوي ٿو، صوبائي وزير اها ڳالهه ٽرانس ڪراچي جي 22هين بورڊ آف ڊائريڪٽرن جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي، هن چيو ته يونيورسٽي روڊ تي عوام کي سخت ڏکائين کي جو منهن ڏيڻو پئجي رهيو  آهي ، صوبائي وزير ايدمنسٽريٽر ڪراچي کي چيو ته بي آر ٽي ريڊ لائن جي بس ڊيپو جي تعمير لاءِ زمين جو ڪنٽرول ٽرانس ڪراچي جي حوالي ڪيو وڃي، جنهن تي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ڊاڪٽر سيف الرحمٰان بورڊ کي ٻڌايو ته بس ڊيپو جي تعمير لاءِ 10 ايڪڙ زمين مختص ڪري ڇڏي آهي، اڄ ئي ٽرانس ڪراچي زمين جو ڪنٽرول سنڀالي وٺي، اجلاس ۾ 21هين بورڊ جي اجلاس جي منٽس جي منظور پڻ ڏني وئي. اجلاس۾ بي آر ٽي ريڊ لائن پروجيڪٽ تي اڳڀرائي جو تفصيلي جائرو ورتو ويو. اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جو سيڪريٽري عبدالحليم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي زبير چنا، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ڊاڪٽر سيف الرحمان، جسٽس ريٽائرڊ شائق عثماني، رخسانا راهوجو، شمائل سڪندر، سي اي او ٽرانس ڪراچي واصف اجلال، ڪمپني سيڪريٽري اقبال لالاڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں