سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب هزارين ماڻهو اڃا به دربدر آهن:ناصر نظاماڻي

تلهار (ن س) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي صوبائي نائب صدر ناصر خان نظاماڻي پاران ڪالھ تلھار پهچي مختلف ڳوٺن جو دورو ڪيو ۽ ڳوٺاڻن سان ملاقاتون پڻ ڪيون جڏهن ته تلھار جي سينيئر صحافي نجي ٽي وي جي رپورٽر خواجه اظهر حسين شاد جي ڀاءُ اڳوڻي صحافي افتخار علي خواجه ۽ نازيه ماڇي جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ تلهار جي صحافين سان ڳالهائيندي ناصر خان نظاماڻي چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ جي ٻوڏ متاثرين کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي اڃان به سنڌ جون ڪيتريون ئي يوسين جا ڪيترائي ڳوٺ ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهن جنهن سبب هزارين سنڌ واسي اڃان به بي يارو مددگار ويٺل آهن سخت سرد ڏينهن  سرد راتين ۾ متاثرين کُلي آسمان هيٺ پنهنجا معصوم ٻارڙن سميت سخت اذيت ۾ آهن کين موجوده صورتحال ۾ ڪنهن به قسم جي ڪابه خوراڪ ناهي ڏني وئي متاثرين کي فوري طور خوراڪ جي اشد ضرورت آهي اگر فوري طور کين خوارڪ نه ڏني وئي ته جاني نقصان جو خطرو آهي هن وڌيڪ چيو ته ضلع بدين جي پڻ مختلف يوسين جي ساڳئي صورتحال آهي يوسي ٻُڍو قمبراڻي ،يونين ڪائونسل ڏيئي جرڪس ،تعلقه ماتلي جي ڳوٺ نبي بخش ڪمبوه سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ اڃان به 10 کان 12 فٽن تائين ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي جيڪو نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪوبه قدم يا اُپاء ناهن ورتا ويا هنن ڳوٺن جا هزارين ماڻهو پنهنجن ٻچڙن سميت بي يارو مددگار ويٺل آهن سندن ڪير به سار لهڻ لاءِ تيار ناهي هن چيو ته آئون حڪمرانن کان مطالبو ٿو ڪيان ته متاثر يوسين ڳوٺن شهرن کي فوري طور سموري سنڌ سميت ضلع بدين انهن ڳوٺن ۾ رليف فراهم ڪيو وڃي کاڌ خوراڪ ڏني وڃي ۽ ٻوڏ پاڻي نيڪال ڪرائي متاثرين جون قيمتي جانيون بچايون وڃن ته جيئن وڌيڪ انساني جانيون بچي سگهن، هن نازيه ماڇي جي قتل تي ڳالهائيندي چيو ته نازيه ماڇي جي قتل جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي نازيه ماڇي کي بي گناھ قتل ڪري سندس معصوم ٻارڙن کي يتيم ڪيو ويو جيڪو غلط عمل آهي آئون آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيان ٿو ته بنا دير نازيه ماڇي جي قتل ڪيس صاف شفاف جاچ ڪري ملوث ڪردار جيڪي ڪيترا به طاقتور بااثر ڇونه هجن کين وائکو ڪري  گرفتار ڪري جيل ياترا ڪرائي وڃي ،هن اظهر حسين شاد سان پڻ سندس نوجوان ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي ۽ ڏک ونڊيو ان موقعي تي فنڪشنل مسلم ليگ جو ضلع بدين جو صدر خاور خان نظاماڻي ،نعيم بيدم خواجه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں