لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج طرفان ثقافتي ڏهاڙي جي مناسبت سان ڪاليج اندر شاندار تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن تقريب ۾ ڊائريڪٽر ڪاليجز لاڙڪاڻو پروفيسر احمد بخش ڀٽو، ڊپٽي ڊائريڪٽر امتياز علي شاھ، ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر نذهت جبينن شاھ، سپلا جي مرڪزي اڳواڻ لعل بخش ڪلهوڙو، پروفيسر الطاف حسين ابڙو، پروفيسر نفيس انصاري، پروفيسر صدوران سولنگي، پروفيسر غلام فضا گاد، پروفيسر رضوان گل، پروفيسر شاهين پٺاڻ، پروفيسر زينب فاطمه سميت ڪاليج جي ٽيچرس ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته تقريب ۾ شاگردياڻين پاران سنڌي ويس وڳا پائي مختلف قسمن جا ٽيبلوز پيش ڪرڻ سان گڏ تقريري مقابلا پڻ ڪيا.
