لاڙڪاڻي ۾ زيبسٽ اسڪول ۽ ڪاليج طرفان ٻن ڏهاڙن وارو ثقافتي ميلو ۽ فوڊ فيسٽيول منعقد ڪيو ويو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ زيبسٽ اسڪول ۽ ڪاليج طرفان ٻن ڏهاڙن وارو ثقافتي ميلو ۽ فوڊ فيسٽيول منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر نبي بخش لغاري، ڊائريڪٽر پرائيوٽ اسڪولس لاڙڪاڻو عبدالوحيد چانڊيو، پرنسپال زيبسٽ ڪاليج ميڊم ماروي چاچڙ، فهيم علي سولنگي ۽ ٻين مهمانن شرڪت ڪئي. ٻن ڏهاڙن واري ثقافتي پروگرام ۽ فوڊ فيسٽيول ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان مختلف کاڌي پيتي جا اسٽال لڳايا ويا. جڏهن ته شاگردن ۽ شاگردياڻين ثقافتي ويس وڳا پهري شرڪت ڪري ۽ ڪيترائي ثقافتي لڳائي سنڌي ثقافت جو ميلو سجايو. ان موقعي تي ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر نبي بخش لغاري، ڊائريڪٽر پرائيوٽ اسڪولس لاڙڪاڻو عبدالوحيد چانڊيو، پرنسپال زيبسٽ ڪاليج ميڊم ماروي چاچڙ، فهيم سولنگي ۽ ٻين چيو ته تهذيب ۽ ثقافت بابت آگاهي قومن جي ترقي جي ضامن آهي، زيبسٽ لاڙڪاڻي طرفان مختلف غير نصابي سرگرميون منعقد ڪري شاگردن کي معياري تعليم ڏيڻ سان گڏ انهن جي ذهني نشونما جي لاءِ به ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ته جيئن هو تعميري ڪردار ادا ڪري سگهن. هنن چيو ته اهڙن پروگرامن سان ٻارن ۾ شعور وڌي ٿو   

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں