عاطف علي قريشي
مذهب ثقافتي نظام، عقيدي نظام، ۽ دنيا جي نظرين جو هڪ مجموعو آهي، جيڪو انسانيت کي روحانيت ۽ ڪڏهن ڪڏهن، اخلاقي قدرن سان لاڳاپو رکي ٿو. ڪيترن ئي مذهبن ۾ علامتون، روايتون,عقيدا ۽ مقدس تاريخون آهن، جن جو مقصد زندگيءَ کي معنيٰ ڏيڻ يا زندگيءَ يا ڪائنات جي اصليت جي وضاحت ڪرڻ آهي. اَڄ ُڪلھ عام ٿي ويو آهي نوجوانن لاءِ مذهب تي تنقيد ڪرڻ. سوشل ميڊيا جو زمانو آهي هن دور ۾ تمام آسان آهي پنهنجو خيال سڀني اڳيان پيش ڪرڻ.پر بغير ڪنهن دليل يا مطالعي جي بلاوجا تنقيد ڪرڻ غلط آھي. ڪنهن جي به مذھب کي يا ڪنهن ٻئي جي عقيدي کي به گھٽ وڌ ڳالهائڻ بلڪل غلط آھي. اخلاقيات اھو بلڪل نٿي سيکاري تہ ڪنهن جي بلِا وجا دل آزاري ڪجي . اَڄ ُڪلھ اھو ٽرينڊ عام ٿيو آهي جنھن کي به انسانيت جي ڳالھ ڪرڻي هوندي اهو پهريون مذهب کي ڳالھيندو پوءِ انسانيت جي تعريف ۽ انسانيت جي ڳالھ ڪندو. ڇا انسانيت جي تعريف لاء مذھب کي ڳالھڻ ضروري آهي ؟ مهنجي خيال ۾ اها هڪ فضول سوچ آهي جنھن ڪم علمي جي ڪري جنم ورتو آهي. ڪنهن مذھب جي ڪتاب اھو ناهي چيو تہ انسانيت سان نفرت ڪيو. پر انهن اھو سيکاريو آهي تہ انسانيت سان محبت ڪيو. قرآن پاڪ ۾ هي حڪم ڏنل آهي تہ :ان ڪري اسان بني اسرائيلن تي هي حڪم ڪيو ته جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪنهن ٻي جان جي عوض کانسواءِ يا ملڪ ۾ فساد ڪرڻ (جي سبب) بنا قتل ڪندو ته ڄڻ ته ان سڀني ماڻهن کي قتل ڪيو. ۽ جيڪو ان کي جياريندو (بچائيندو) ته ڄڻ ته سڀني ماڻهن کي جياريائين (بچايائين) . (القرآن 5:32).
اھو ڪرسٽل ڪليئر واضح آهي تہ قرآن پاڪ ھڪ انسانيت حامي ڪتاب آھي ۽ ھن ۾ انسانيت جو درس ڏنل آهي. هڪ ٻي آيت ۾ الله تعاليٰ فرمايو ته ”يا کاڌو کارائڻ، سخت بک جي ڏينهن ۾، ڪنهن يتيم کي يا ڪنهن مسڪين کي مصيبت ۾. ۽ پوءِ انهن مان ٿيو جن ايمان آندو ۽ هڪ ٻئي کي صبر جي نصيحت ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي رحم جي نصيحت ڪئي. اهي حق جا ساٿي آهن“. (القرآن 90:14-18) ان مان اھو ثابت ٿو ٿئي تہ اها پاڪ ڪتاب انسانيت جي پرچار ڪري ٿي. ساڳي ريت بائيبل ۾ هي لکيل آھي انسانيت لاء: انساني زندگيءَ جو قدر باطني آهي، ڇاڪاڻ ته اهو خدا وٽان حاصل ٿئي ٿو، جنهن انسان کي پنهنجي شڪل ۾ بڻايو (پيدائش 1:26-27). نتيجي طور، جيڪو شخص ٻئي جي جان وٺي ٿو، خدا جي طرفان سندس انساني نمائندن جي ذريعي حساب ڪتاب ۽ سزا ڏني ويندي (پيد. 9: 5-6؛روميون). بائيبل بي انسانيت جي حمايت ڪري ٿي. اهڙي طرح ڀڳوت گيتا بي انسانيت ۽ انصاف جو درس ڏئي ٿي ، ڀڳوت گيتا ۾ لکيل آهي تہ: يوگي سڀن کي ڏسندا آهن – نيڪ خواهشن، دوستن، دشمنن، پرهيزگارن ۽ گنهگارن کي – غير جانبدار عقل سان. يوگي جيڪو دوست، ساٿي ۽ دشمن جي برابر عقل وارو، دشمنن ۽ مائٽن جي وچ ۾ غير جانبدار ۽ نيڪ ۽ گنهگار جي وچ ۾ غير جانبدار آهي، انسانن ۾ ممتاز سمجهيو ويندو آهي. (BG 6.9). ساڳيءَ ريت گيتا بي انسانيت جي حمايت ڪئي آهي. ان ڪري انسانيت جي حمايت ڪرڻ لاءِ مذھب خلاف ڳالهائڻ ضروري ناهي. ڪو به مذھب انسانيت خلاف نٿو ڳالهائي. اھو انسان هي آهي جيڪو انسان خلاف ڳالهائي ٿو ۽ فضول مذهبن کي بدنام ڪري ٿو. هر حقيقي مذهب جي ڪتاب محبت جا گيت لکيا آهن. مذھب انسانيت، پيار ، محبت، نيڪي ، انصاف ۽ امن جي پرچار ڪري ٿو. جيئي انسانيت مقدس آھي ساڳيءَ طرح ھر مذهبي انسان لاءِ مذھب به مقدس آهي. اسان کي انسانيت سان گڏ انسان جي نظرين جو به احترام ڪرڻ گهرجي. محبت هميشه ادب ڪرڻ سان وڌندي آھي.ان لاءِ اسان کي گهرجي ته پنهنجي سوچ تنگ نہ بلڪي وسيع ڪرڻ گهرجي. نفرت تي محدود ڪرڻ بجائي محبت ڏي ڏسڻ گهرجي.
