لاهور (بيورو) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته جيڪڏهن پرويز الاهي اڄ اربع تائين پنجاب اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ نه ورتو ته اهو وڏو وزير نه رهندو. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته پرويز الاهي پاڻ چوندو آهي ته اسيمبليون ٽوڙڻ جي حق ۾ نه آهيان. هو ڏوراپا ڏيندو رهيو آهي ته 99 سيڪڙو ميمبر چاهين ٿا ته اسيمبليون نه ٽوڙيون وڃن جيڪڏهن پوءِ به بي اعتمادي رٿ آئي ته ڇا ٿيندو. جيڪڏهن هو چاهي ٿو ته اسيمبليون نه ٽٽڻ گهرجن ته پوءِ ڇو اسيمبليون ٽوڙيون پيون وڃن. راڻا ثناءُالله چيو ته هڪ چريو ۽ بيوقوف ماڻهو تحريڪ انصاف ۽ پنجاب کي حادثي جو شڪار ڪري رهيو آهي قوم ۽ ادارن ۾ اتفاق ٿي ويو آهي ته هن چري ماڻهو کي روڪيو وڃي. گهرو وزير چيو ته پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جو اجلاس نه گهرائڻ بابت موقف غلط آهي ۽ اهو آئين جي خلاف آهي، گورنر اسيمبلي جو اجلاس گهرائي سگهي ٿو. پرويز الاهي کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ گهرجي. جيڪڏهن پرويز الاهي اڄ اعتماد جو ووٽ نٿو وٺي ته پوءِ گورنر نئين وڏي وزير جي چونڊ جو اعلان ڪري سگهي ٿو. ن ليگ اڳواڻ چيو ته جيڪڏهن اربع جي شام 4 وڳي پنجاب اسيمبلي جو اجلاس نه ٿيو ۽ پنجاب جي وڏي وزير اعتماد جو ووٽ نه ورتو ته اهو وڏو وزير نه رهندو. ٻئي طرف پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چيو آهي ته پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اسان ختم نه پر ملتوي ڪيو آهي. هلندڙ اجلاس ۾ پنجاب جي گورنر کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو نٿا چئي سگهون.
