پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي نوابشاھ جي ايگزامنيشن برانچ ۾ باهه، رڪارڊ سڙي ويو

نوابشاھ(ڊ ر) پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي نوابشاھ جي نيو ڪئمپس جي ڪنٽرولر ايگزامنيشن برانچ ۾ لڳل باھ جي نتيجي ۾ پي ڊي ۽ رجسٽرار جو پيل رڪارڊ مڪمل سڙي وڃڻ کان پوءِ باھ تي ضابطو آندو ويو آھي نواب شاھ جي فائر برگيڊ عملي پھچي باھ تي ضابطو آندو فائر برگيڊ جي پھچڻ تائين پيل رڪارڊ مڪمل طور تي سڙي ويو جڏھن ته پي ڊي ۽ رجسٽرار آفيس جو رڪارڊ سڙي وڃڻ بعد نواب شاھ جي ساڃاھ وند حلقن ۾ بحث ڇڙي ويو آھي جڏھن ته سڙي ويل رڪارڊ بابت چيو پيو وڃي ته ھٿ سان باھ ڏني وئي آھي جڏھن باھ لڳڻ جي ڪارڻ بابت اڃان تائين يونيورسٽي انتظاميا جو ڪو به موقف سامھون نه اچي سگھيو آھي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں